ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني اداڪارا مهر بانو تي هڪ ڀيرو ٻيهر سوشل ميڊيا واهپيدار تنقيد ڪري رهيا آهن.
هن ڀيري تنقيد جو سبب اداڪارا جي تازي انسٽاگرام وڊيو آهي، جنهن ۾ هوءَ عربي موسيقي تي بيلي ڊانس ڪري رهي آهي.
وڊيو ۾ اداڪارا جو مختصر لباس ۽ رقص جو انداز واهپيدارن کي نه وڻيو، ڏسندي ئي ڏسندي سوشل ميڊيا تي تبصرا ۽ تنقيد جو سلسلو شروع ٿي ويو.
ڪجهه واهپيدارن ان کي فحاشي جو نمونو قرار ڏنو ته ڪجهه سوال ڪيو ته اهو فن آهي يا سستي شهرت جو حربو؟
سوشل ميڊيا تي ڪيترن ئي ماڻهن چيو ته اهو انداز پاڪستاني ثقافتي سڃاڻپ جي ابتڙ آهي.
واضح رهي ته مهر بانو پنهنجي بولڊ فيشن سبب اڳ ۾ به تنقيد جو شڪار ٿيندي رهي آهي.
You might also like