ڪراچي (عوامي آواز ايڪسڪلوزو) ملڪ جي سڀ کان تڪراري ڪاروباري شخصيت ملڪ رياض خلاف ڪيون ويندڙ ڪارروائيون رڳو هڪ ڏيکاءُ آهن. ذريعا دعويٰ ڪري رهيا آهن ته اهي سمورا قدم رڳو عوام جي اکين ۾ ڌوڙ وجهڻ لاءِ کنيا پيا وڃن.
ملڪ رياض جيڪو سدائين پنهنجي اثر رسوخ جي ڏَڍَ تي فائلن کي ”اڏائيندو“ ايندو هو، هن ڀيري پهريون دفعو فائلن ۾ ”ڦيٿو“ نه لڳائي سگهيو، اهو ئي جملو ايتري قدر ورجايو پيو وڃي جو سوشل ميڊيا ۽ واٽس ايپ صحافت جي پرده پوشي بي نقاب ٿيندي نظر اچي رهي آهي.
هڪ پاسي ملڪ رياض خلاف ڪارروائيون ميڊيا جي سونهن بڻيل آهن ۽ ڪيترائي ماڻهو خوشي جو اظهار به ڪري رهيا آهن، پر ٻئي پاسي دعويٰ آهي ته اصل ڪهاڻي اها آهي ته اها سڄي راند هڪ مخصوص مقصد تحت کيڏي پئي وڃي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته اهو سڀ ڪجهه ان ڪري ٿي رهيو آهي ته جيئن گهرو وزير محسن نقوي جي ملڪ رياض سان مبينا ڊيل ۽ ان جي ملڪ رياض جي گاڏي ۾ سرعام گهمڻ جهڙين سرگرمين تي اُٿندڙ سوالن کي دٻايو وڃي.
ذريعن جو اهو به چوڻ آهي ته اهو عمل رڳو هڪ ”تاثر“ پيدا ڪرڻ لاءِ ڪيو پيو وڃي ته جيئن عوام کي يقين ڏياري سگهجي ته واقعي ڪجهه وڏو ٿي رهيو آهي، جڏهن ته حقيقت ۾ پردي پويان ڪجهه ٻيو طئي ٿي چڪو آهي. جيڪڏهن واقعي ملڪ رياض خلاف ڪا سنجيده ڪارروائي اهم آهي ته پوءِ دبئي مان کيس گرفتار ڪري پاڪستان ڇو نه پيو آندو وڃي؟ ڇا اهو ممڪن ناهي؟
ذريعن موجب آخر هو ڪو عام جوابدار ته ناهي، جن کي روز اميگريشن ۽ انٽرپول ذريعي پڪڙي واپس آندو ويندو آهي، جڏهن دل چاهي ته ڪنهن کي پڪڙيو ۽ ڪنهن کي ڇڏي ڏيو، ته پوءِ ملڪ رياض سان اها نرمي ڇو؟
ملڪ رياض خلاف ڪارروائين جو مقصد ڪجهه ٻيو، پردي پويان ڇا ٿي رهيو آهي؟ نئين دعويٰ سامهون اچي وئي
You might also like