وڇون هڪ حيرت انگيز مخلوق آهي جنهن سائنسدانن کي به حيران ڪري ڇڏي آهي. اهو ننڍڙو پر خطرناڪ جانور اهڙا ڪارناما ڏيکاري ٿو جو وڏا وڏا بقا جا ماهر به ان جي اڳيان ڪجهه ناهن. وڇون جي جيئرن رهڻ جون صلاحيتون ان کي قدرت جو حيرت انگيز نمونو بڻائن ٿيون جن بابت اڄ اسان اوهانکي ٻڌائينداسين.
ساهه کڻڻ بنا به جيئرو رهڻ
سڀ کان پهرين ته وڇون ڇهه ڏينهن تائين بنا ساهه کڻڻ جي جيئرو رهي سگهي ٿو، اهو انڪري ته وڇون پنهنجي جسم تي موجود سوراخ (جنهن کي spiracles چئبو آهي) بند ڪري ڇڏيندو آهي، جنهن جي ڪري هو پاڻيءَ يا زهريلي گيسن جهڙن خطرن کان پاڻ کي بچائيندو آهي.
نيرو يا سائو بڻجي چمڪندو
وڇون روشنيءَ ۾ چمڪندو آهي. جڏهن به ان تي الٽرا وائلٽ روشني وڌي وڃي ته ان جي چموڙي ۾ موجود خاص ڪيميڪل سبب هو نيري يا سائي رنگ جو بڻجي چمڪڻ لڳي ٿو، جيتوڻيڪ سائنسدان اڃا تائين سمجهي نه سگهيا آهن ته وڇونءَ ۾ اهڙي صلاحيت اصل ۾ ڇا جي ڪري آهي.
پاڻ کي مارڻ واري خاصيت
هڪ دلچسپ ڳالهه اها به آهي ته وڇون پنهنجي پڇ سان پاڻ کي به مار سگهي ٿو يا ماريندو آهي. خاص ڪري جڏهن هو تمام گهڻي پريشاني يا خطري ۾ هجي، جيئن باهه ۾ ڦاسي پوڻ وغيره. ڪجهه سائنسدان ان عمل کي آخري بچاءَ جو طريقو چون ٿا.
زهر مان علاج
ان کان وڌيڪ حيرت واري ڳالهه اها ته وڇونءَ جو زهر انسان لاءِ به قيمتي خزانو آهي. اهو ڪينسر جي سڃاڻپ، اعصابي بيمارين جي علاج ۽ اينٽي بائيوٽڪ تيار ڪرڻ ۾ استعمال ٿيندو آهي، ان جي زهر جو هڪ گرام لکين رپين جو هوندو آهي.
مادي وڇون ٻچن کي پٺي تي کڻي گهمندي آهي
مادي وڇون پنهنجن ٻچن سان بي انتهائي محبت جو مظاهرو ڪندي آهي. جڏهن ٻچا پيدا ٿين ٿا ته ماءُ انهن کي پنهنجي پٺيءَ تي کڻي هلندي آهي، جيستائين هو وڏا نٿا ٿين.
دنيا ۾ هر هنڌ موجود
وڇو تقريباً سڄي دنيا ۾ موجود آهي، سواءِ انٽارڪٽيڪا جي، جهنگن، صحرا، جبلن ۽ ساحلي علائقن ۾ به هن جو وجود ملي ٿو.
مري وري جيئرو ٿيڻ
ٻي حيرت جهڙي ڳالهه اها به آهي ته وڇون مئل حالت کانپوءِ وري جيئرو ٿي سگهي ٿو، جيڪڏهن وڇون سخت ٿڌ يا پاڻيءَ جي ڪري مئل لڳي، ته موسم نارمل ٿيڻ کانپوءِ اهو وري نارمل ٿي ويندو آهي.
پُڇ جون ٻه خاصيتون
وڇون جو پڇ رڳو ڏنگ هڻڻ لاءِ نه پر توازن قائم رکڻ لاءِ به استعمال ٿيندو آهي. جڏھن وڇون ڊوڙندو يا ڪنهن چاڙهي تي چڙهندو آهي ته پنهنجي پڇ سان پاڻ کي سنڀاليندو ۽ پنهنجو توازن برقرار رکندو آهي.
بنا نر جي ٻار پيدا ڪرڻ
حيرت انگيز ڳالهه اها به آهي ته ڪجھه وڇن بنا نر جي به ٻار پيدا ڪري سگهن ٿا. مطلب ته رڳو مادي پاڻمرادو نسل وڌائي سگهي ٿي، جيڪو "parthenogenesis” طور سڃاتو وڃي ٿو.
سالن تائين بنا کاڌي جي رهڻ
وڇون جو ميٽابولزم تمام سست هوندو آهي، جنهن سبب هو مهينن، پر سال تائين به بنا کاڌي جي جيئرو رهي سگهي ٿو. هو "diapause” نالي حالت ۾ وڃڻ سان سخت ٿڌ به سهي سگهي ٿو ۽ موسم بهتر ٿيڻ تي وري ٻيهر سرگرم ٿي سگهي ٿو.
گرمي برداشت ڪرڻ
وڇون 50 درجا سينٽي گريڊ کان مٿي جي گرمي به برداشت ڪري سگهي ٿو، ڇاڪاڻ ته ان جو جسم صحرا جي سخت حالتن لاءِ ٺهيل آهي
قديمي جانور
سڀ کان حيران ڪندڙ حقيقت اها آهي ته وڇون ڊائناسورز کان به پراڻو آهي. هو تقريباً 430 ملين سال کان زمين تي موجود آهي، جڏهن ته ڊائناسور 230 ملين سال اڳ آيا. اهڙيءَ ريت وڇون ڌرتيءَ جي سڀ کان پراڻي ۽ جيئري رهندڙ "سروائيورز” مان هڪ آهي!