99 سائوسنگ سوسائٽيون غير قانوني قرار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سي ڊي اي اسلام آباد جي 99 هائوسنگ سوسائٽين کي غير قانوني قرار ڏئي ڇڏيو.
سي ڊي اي اسلام آباد موجب لاڳاپيل هائوسنگ سوسائٽين جي اسپانسرز ۽ مالڪن جا نالا اي سي ايل ۾ وجهڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
لاڳاپيل شخصيتن جي ڊيٽا فراهم ڪرڻ لاءِ نادرا کي خط به لکيو ويو آهي.
سي ڊي اي طرفان سوسائٽي مالڪن، اسپانسرن جا نالا اي سي ايل ۾ وجهڻ جي ڪارروائي شروع ڪرڻ جي درخواست ڪئي وئي آهي.
گذريل مهيني سي ڊي اي چيئرمين جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ غير قانوني هائوسنگ سوسائٽين خلاف قانون موجب ڪارروائي جو فيصلو ڪيو ويو هو.
سي ڊي اي جو چوڻ هو ته غير قانوني سوسائٽين کي تعميراتي مٽيريل وڪرو ڪندڙن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي، جڏهن ته انهن جا نالا ويب سائيٽ تي جاري ڪيا ويندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.