اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ايڪنڪ حيدرآباد – سکر 360 ڪلو ميٽر موٽر وي جي تعمير جي منظوري ڏئي ڇڏي.
عوام لاءِ سٺي خبر آهي ته حيدرآباد – سکر موٽر وي جي تعمير بابت اهم اڳڀرائي ٿي آهي، ڄاڻايل موٽر وي کي 5 سيڪشنز ۾ مڪمل ڪيو ويندو.
پهرئين 3 سيڪشنز تحت اسلامي ڊيولپمينٽ بينڪ جي قرض مان 180 ڪلو ميٽر اڏاوت ڪئي ويندي، جڏهن ته باقي 2 سيڪشن وفاق پنهنجي فنڊن يا پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ سان ٺاهيندو.
ايڪنڪ اجلاس جي صدارت پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ڪئي، جنهن ۾ سنڌ طرفان صوبائي وزير ۽ ايڪنڪ ميمبر ڄام خان شورو شريڪ ٿيو.
Next Post
You might also like