پي ايس ايل ۾ هڪ اڌ سٺي اننگز کيڏڻ وارا به پاڪستان لاءِ کيڏن ٿا: شاهد آفريدي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ)پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي قومي ٽيسٽ ٽيم جي ڪارڪردگي تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي.
هڪ انٽرويو دوران شاهد آفريدي چيو ته نوجوان رانديگرن کي بنا تجربي جي قومي ٽيم ۾ شامل ڪيو پيو وڃي.
هن چيو ته وڏي غلطي اها آهي ته رانديگرن کي تمام جلد ٽيم جو حصو بڻايو ويندو آهي، ڪڏهن ڪڏهن ته رانديگرن کي پي ايس ايل جي هڪ يا ٻن سٺين اننگز جي بنياد تي قومي ٽيم ۾ سليڪٽ ڪيو ويندو آهي.
اڳوڻي ڪپتان چيو ته پاڪستان لاءِ کيڏڻ ايترو آسان نه هئڻ گهرجي، ان کان اڳ ڊوميسٽڪ ۽ فرسٽ ڪلاس ڪرڪيٽ ۾ پاڻ مڃائڻ ضروري آهي.
هن ان ڳالهه تي زور ڀريندي چيو ته هڪ مضبوط نظام قائم ٿيڻ گهرجي، جنهن ذريعي باصلاحيت رانديگر مناسب مرحلن مان گذرن، هن پاڪستان شاهينز (اي ٽيم) به شامل آهي.
شاهد آفريديءَ چوڻ هو ته قومي ٽيم تائين پهچڻ جو رستو ڏکيو هئڻ گهرجي ته جيئن رانديگرن کي خبر پوي ته پاڪستان جي نمائندگي ڪرڻ ڪيترو قيمتي ۽ اهم آهي.
ياد رهي ته 2023 کان 2025 جي ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ دوران پاڪستان 14 ميچون کيڏيون، جن مان رڳو 5 ۾ ڪاميابي حاصل ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.