ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اولمپڪ گولڊ ميڊلسٽ جيولن ٿروئر ارشد نديم چيو آهي ته سندس ڪيمبرج ۾ کُڙي جي سرجري ٿي هئي ۽ هاڻي گهڻي بهتري محسوس ڪري رهيو آهي.
هن چيو ته فزيوٿراپسٽ به سندس بحاليءَ جي حوالي سان اطمينان جو اظهار ڪيو آهي.
ارشد نديم جو چوڻ هو ته ورلڊ اٿليٽڪس چيمپيئن شپ سيپٽمبر ۾ ٿي رهي آهي، جنهن لاءِ تياري ڪري رهيو آهيان.
هن چيو ته اميد اٿم ته ميگا ايونٽ سٺو پرفارم ڪندس، في الحال فٽنيس به بهتر آهي ۽ ريهيب به ڪامياب رهيو آهي.
ارشد نديم وڌيڪ چيو ته هن ٿرو جي پريڪٽس شروع ڪري ڇڏي آهي، قوم دعا ڪري ته جيئن هو ورلڊ چيمپيئن شپ ۾ سٺو مظاهرو ڪري سگهي.
You might also like