” دعوت ملي نه ئي خط لکيو ويو“ بنگلاديش ڀارتي ميڊيا ۽ هاڪي انڊيا جا پول پڌرا ڪري ڇڏيا

لاهور (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ميڊيا جي هاڪي انڊيا جي آفيشل جي حوالي سان دعويٰ جا پول پڌرا ٿي ويا.
بنگلاديش هاڪي فيڊريشن جي ذريعن موجب، فيڊريشن کي ايشيا ڪپ ۾ شرڪت جو ڪو به باضابطا دعوت نامو ناهي مليو، نه هاڪي انڊيا ۽ ئي پي ايڇ اييف ڪو خط اُماڻيو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته صورتحال سڀني جي سامهون آهي، بنگلاديش اسٽينڊ باءِ ضرور آهي، ايترو جلدي ٽيم ٺاهڻ ۽ تياري ڪرڻ سولو نه آهي، باظابطا دعوت نامي کانپوءِ ڏسنداسين.
واضح رهي ته ڀارتي ميڊيا هاڪي انڊيا جي عملدار جي حوالي سان بنگلاديش کي دعوت نامو موڪلڻ جي دعويٰ ڪئي هئي، هاڪي انڊيا جي عملدار پاڪستان جي انڪار ۽ ڀارت جو سفر نه ڪرڻ جي به دعويٰ ڪئي هئي.
ان کان اڳ پاڪستان هاڪي فيڊريشن جو صدر طارق بگٽي هاڪي انڊيا جي آفيشلز جي دعوائن کي رد ڪري چڪو آهي.
واضح رهي ته هاڪي ايشيا ڪپ 29 آگسٽ کان 7 سپٽيمبر تائين ڀارت جي شهر راجگير ۾ شيڊيولڊ آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.