والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جي بس سان حادثو، 3 اهلڪار اجل جو شڪار

سرينگر (ويب ڊيسڪ) والاريل ڪشمير جي علائقي اڌم پور ۾ ڀارتي سيڪيورٽي فورسز جي بس کاهيءَ ۾ ڪري پئي، جنهن ۾ 3 اهلڪار اجل جو شڪار ٿي ويا ۽ 15 زخمي ٿي پيا.
ڀارتي ميڊيا موجب بس اڌم پور ضلعي ۾ بسنت ڳڙهه جي علائقي ڪنڊوا ڀرسان گذري رهي هئي، حادثي جو شڪار ٿيندڙ بس ۾ 18 اهلڪار سوار هئا.
حادثي کانپوءِ ريسڪيو جو عمل شروع ڪندي لاشن ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.