انگلينڊ ڊبليو ٽي سي کي ٻن درجن ۾ ورهائڻ جو مخالف، آسٽريليا حمايت ڪري ڇڏي

لنڊن (ويب ڊيسڪ ) ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ کي ٻن درجن ۾ ورهائڻ واري عمل جي مخالفت ۾ آواز اُٿڻ لڳا آهن.
پاڪستان، بنگلاديش ۽ نيوزيلينڊ کان پوءِ هاڻ انگلينڊ به ٻن درجنن واري فارميٽ جي مخالفت ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته ڪرڪيٽ آسٽريليا ان فارمولن جي مشروط حمايت ڪئي آهي.
انگلينڊ ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين رچرڊ ٿامپسن جو چوڻ آهي ته هو ٻن درجنن واري سسٽم جي خلاف آهن ۽ اهو نه چاهيندا ته انگلينڊ ڊويزن ٽو ۾ وڃي، جتي آسٽريليا ۽ ڀارت سان نه کيڏون، ائين ڪڏهن نه ٿيندو.
رچرڊ ٿامپسن وڌيڪ چيو ته ورلڊ ٽيسٽ چيمپئن شپ ۾ بهتري جي گنجائش موجود آهي ۽ ڪجهه تبديليون آڻي ان کي بهتر بڻائي سگهجي ٿو جنهن کانپوءِ ٽيسٽ ڪرڪيٽ کي ٻن درجنن ۾ ورهائڻ جي ضرورت ئي نه پوندي.
هن شيڊيول جي اهميت تي زور ڏيندي چيو ته وائيٽ ۽ ريڊ بال ڪرڪيٽ جي ٻه طرفي سيريز جي مقدار کي متوازن رکڻ ضروري آهي.
ٻئي پاسي، ڪرڪيٽ آسٽريليا جي سي اي او ٽوڊ گرين برگ ٻن درجنن واري نظام جي مشروط حمايت ڪئي آهي.
هن چيو ته اصل چئلينج اهو آهي ته ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ هر ملڪ جو ڪهڙو ڪردار آهي.
هن واضح ڪيو ته ويسٽ انڊيز، نيوزيلينڊ، ڏکڻ آفريڪا ۽ پاڪستان جهڙن ملڪن جو مضبوط هئڻ سڀني جي مفاد ۾ آهي.
ٽوڊ گرين برگ جو چوڻ هو ته جيڪڏهن ٻن درجنن وارو سسٽم ٻين ملڪن کي مضبوط ڪرڻ ۾ مدد ڪري ٿو ته هو ان جي حمايت ڪندو، پر جيڪڏهن ائين نه ٿيو ته پوءِ حمايت نه ڪندو.
هن وڌيڪ چيو ته کوڙ فل ميمبر ملڪ ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ ٻن درجنن واري تجويز تي ورهايل آهن، ڇو ته ڪجهه ملڪن کي خدشو آهي ته ڊويزن ٽو ۾ وڃڻ سان هو آءِ سي سي جي ريوينو مان ملندڙ حصي کان محروم ٿي ويندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.