پي ٽي آءِ دهشتگردن جي ساٿاري آهي، نيشنل ايڪشن پلان تحت ڪارروائي ڪنهن جو پيءُ به نٿو روڪي سگهي: طلال چوڌري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) مملڪتي گهرو وزير طلال چوڌري پاڪستان تحريڪ انصاف ( پي ٽي آءِ ) ڇتي تنقيد ڪندي چيو آهي ته توهان دهشتگردن سان گڏ بيٺا آهيو، نيشنل ايڪشن پلان تحت ٿيندڙ ڪارروائي ڪنهن جو پيءُ به نه ٿو روڪي سگهي.
قومي اسيمبلي ۾ خطاب دوران چيو هو ڪراچي زائرين سان ڳالهه ٻولهه لاءِ وڃي رهيو آهي، ڪجهه نقطن تي اڳڀرائي ٿي آهي، حڪومت پوري ڪوشش ڪري رهي آهي ته زائرين جو سفر آسان ۽ ممڪن بڻايو وڃي.
هن ٻڌايو ته فلائٽون وڌايون ويون آهن، پرڏيهي ايئرلائينز کي به اجازت ڏني وئي آهي، ۽ مسئلو حل ڪرڻ جي مڪمل ڪوشش ڪنداسين.
سندس چوڻ هو ته اسان ۾ ايتري به جرئت ناهي جو اسيمبلي جي اختيار کي مجروح ڪريون، 5 آگسٽ تي قلم 144 لاڳو هو ۽ يوم استحصال ملهايو پئي ويو، ان وقت احتجاج جي ڪال ڏني وئي هئي. پارليامينٽ مان ٻاهر وڃڻ لاءِ ٻيا گيٽ کوليل هئا.
قومي اسيمبليءَ جي اڳوڻي اسپيڪر اسد قيصر تي تنقيد ڪندي طلال چوڌري چيو ته ”احتجاج هر ڪنهن جو حق آهي، اسلام آباد ۾ پي ٽي آءِ جي درخواست ڊاڪ ذريعي پهتي، 100 کان به گهٽ ماڻهو نڪتا، پنجاب ۾ 954 ماڻهو روڊن تي آيا، اسلام آباد ۾ ڪنهن ميمبر کي ٽچ نه ڪيو، رستا به کليل هئا، گيٽ به.“
طلال چوڌري چيو ته ” چون ٿا وڏو مقبول ليڊر آهي، ته شيطان به وڏو مقبول آهي، 9 مئي تي جيڪو ڪجهه ٿيو، سڀني کي خبر آهي ته پي ٽي آءِ ئي ڪيو. انهن ماڻهن پارٽي کان اليڪشن ٽڪيٽ وٺڻ لاءِ اها باهه لڳائي.“
هن چيو ته اڳوڻي اسپيڪر چيو ته ڪو به آپريشن ٿيڻ نه ڏينداسين، پر ڪو نئون آپريشن نه پيو هلي، جنهن صوبي جو وڏو وزير ڀتو ڏئي، اهو ڇا مقابلو ڪندو؟ فيصلو ڪريو، ته توهان دهشتگردن جا ساٿاري آهيو يا پاڪستان سان گڏ آهيو؟

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.