واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران جي جوهري پروگرام ۽ ابراهيم معاهدن بابت هڪ نئون بيان جاري ڪيو آهي.
پنهنجي سوشل ميڊيا پليٽفارم ”ٽروٿ سوشل“ تي جاري ڪيل پيغام ۾ ٽرمپ دعويٰ ڪئي آهي ته ”هاڻي ايران جي جوهري صلاحيت مڪمل طور تي تباهه ڪئي وئي آهي.“
هن زور ڏئي چيو ته ”منهنجي لاءِ تمام اهم آهي ته وچ اوڀر جا سڀ ملڪ ابراهيم معاهدن ۾ شامل ٿين.“
صدر ٽرمپ جو چوڻ هو ته ” جيڪڏهن وچ اوڀر جا ملڪ ابراهيم معاهدن جو حصو بڻجندا ته ان سان خطي ۾ امن يقيني بڻجي ويندو.“
ياد رهي ته ابراهيم معاهدن جو مقصد اسرائيل ۽ عرب ملڪن وچ ۾ سفارتي لاڳاپن کي معمول تي آڻڻ آهي، اِهو معاهدو ٽرمپ جي گذريل دور ۾ متعارف ڪرايو ويو هو.
2020ع ۾ گڏيل عرب امارتن ۽ بحرين سڀ کان اڳ ان معاهدي ۾ شامل ٿيا هئا، جڏهن ته بعد ۾ مراڪش ۽ سوڊان به اسرائيل سان لاڳاپا معمول تي آڻڻ لاءِ معاهدي تي صحيحون ڪيون هيون.
ايران جي جوهري صلاحيت ختم ڪري ڇڏي، وچ اوڀر جا هڙئي ملڪ ” ابراهيمي معاهدن“ ۾ شامل ٿي وڃن: ٽرمپ
You might also like