فوجي هيلي ڪاپٽر ڪِري تباهه، بچاءَ واري وزير سميت 8 ڄڻا اجل جو شڪار

اڪرا (ويب ڊيسڪ) گهانا ۾ هڪ فوجي هيليڪاپٽر حادثي جو شڪار ٿي ويو، جنهن جي نتيجي ۾ ملڪ جي بچاءُ ۽ ماحوليات واري وزير سميت 8 ڄڻا حياتي وڃائي ويٺا.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، حادثي جو ڪارڻ اڃا تائين سامهون ناهي آيو، جڏهن ته حڪومت واقعي کي قومي سانحو قرار ڏنو آهي.
هيلي ڪاپٽر حادثي ۾ بچاءَ وارو وزير ايڊورڊ عمان بواما ۽ ماحوليات، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي وارو وزير ابراهيم مرتلا محمد فوت ٿي ويو.
ميڊيا رپورٽن موجب، زيڊ-9 ماڊل هيليڪاپٽر ۾ عملو جي ٽن ميمبرن سميت 5 مسافر سوار هئا، حادثو گهانا جي راڄڌاني اڪرا مان اڏام کانپوءِ گهاٽن ٻيلن واري علائقي ۾ پيش آيو.
اختيارين موجب، وزير ابواسي نالي علائقي ۾ غيرقانوني سون جي کوٽائي تي ضابطو آڻڻ بابت تقريب ۾ شرڪت لاءِ وڃي رهيا هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.