”اڌ کان وڌيڪ ڪامورا پرتگال ۾ پراپرٽي وٺي چڪا آهن، سياستدانن کي نه پلاٽ نه پرڏيهي شهريت“

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته ملڪ جا اڌ کان وڌيڪ ڪامورا پرتگال ۾ پراپرٽي وٺي چڪا آهن ۽ هاڻ پرتگال جي شهريت وٺڻ جي تياري ڪري رهيا آهن.
ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ خواجا آصف چيو ته اهي ناليوارا بيورو ڪريٽ آهن، واڳون اربين رپيا کائي آرام سان رٽائرمينٽ جي زندگي گذاري رهيا آهن.
هن چيو ته بوزدار جو هڪ ويجهو ترين بيورو ڪريٽ 4 ارب رپيا ڌيئرن جي شادي تي رڳو سلامي وصول ڪري چڪو آهي.
سندس چوڻ هو ته سياستدانن جو نه پلاٽ نه پرڏيهي شهريت، ڇو ته انهن کي چونڊ وڙهڻي پوندي آهي، پاڪ سرزمين کي اها بيورو ڪريسي ناپاڪ ڪري رهي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.