ماهرا خان جي دڪاندار سان بحث ڪرڻ واري وڊيو وائرل: ريڙهي واري کان زيتون مفت ۾ وٺي کاڌو

اداڪارا ماهرا خان جي عام بازار ۾ ساڙهي خريدڻ ڪرڻ لاءِ اگهه گهٽ وڌ ڪرائڻ ۽ ريڙهي واري کان مفت ۾ زيتون وٺي کائڻ واري وڊيو سوشيل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي.

اداڪارا ماهرا خان جيڪا پنهنجي اداڪاري جي ڪري مداحن جي دلين ۾ جايون ٺاهڻ ۾ ڪامياب رهي آهي، ساڳي وقت پنهنجي سادگي سبب به ماڻهن کي حيران ڪري ڇڏيندي آهي.

ان جو هڪ مثال سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيندڙ وڊيو آهي، جنهن ۾ ماهرا خان کي ڪراچي جي مقامي بازار ۾ بنا ڪنهن پروٽوڪول جي عام عورتن جيان خريداري ڪندي ڏسي سگھجي ٿو.

اداڪارا ماهرا خان وڊيو ۾ ساڙهي خريدڻ دوران دڪاندارن سان عام عورتن وانگر اگهه ۾ گهٽتائي ڪندي نظر اچي رهي آهي، جنهن کي ڏسي مداح حيران ٿي ويا ۽ سمجهڻ لڳا ته هي ڪنهن فلم يا ڊرامي جي شوٽنگ ٿي رهي آهي.

جڏهن دڪاندار ساڙهي جو اگهه گهٽ نه ڪيو ته ماهرا خان بنا ڪجهه خريد ڪرڻ جي اُتان هلي وئي، جڏهن ته دڪاندار پٺيان آواز ڏيندو رهيو.

هڪ ٻي وڊيو ۾، جنهن جو آواز چِٽو ناهي، ماهرا خان کي ريڙهي واري کان زيتون گهُرندي ڏسي سگهجي ٿو.

دلچسپ ڳالهه اها آهي ته ريڙهي واري بنا ڪجهه چوڻ جي ماهرا کي زيتون ڏئي ڇڏيو، جنهن کي هوءَ مهرباني چئي اڳتي هلي وئي.

انهن ٻنهي وڊيوز تي سوشل ميڊيا واهپيدارن مزاحيه ۽ محبت ڀريا ڪمينٽس ڪيا ڪنهن ماهرا کي "سادگي جي راڻي” قرار ڏنو ته ڪجهه وري سوال ڪيو ته ڇا هي وڊيوز واقعي حقيقي آهن؟

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.