”مائرون به ٻارن لاءِ اهڙيون دعائون ناهن ڪنديون، جيئن ڪالهه عمران خان جي آزادي لاءِ ڪيون ويون“

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين بيرسٽر گوهر چيو آهي ته مائرون به پنهنجي ٻارن لاءِ اهڙيون دعائون ناهن ڪنديون، جيئن 5 آگسٽ تي عوام عمران خان جي آزادي لاءِ دعائون گهريون.
پارليامينٽ هائوس ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي بيرسٽر گوهر چيو ته ڪالهوڪو احتجاج ڪامياب رهيو، عوام روڊن تي نڪتو ۽ پنهنجي اڳواڻ لاءِ آواز اٿاريو، عوام پي ٽي آءِ باني سان گڏ آهي.
هن چيو ته پهريون ڀيرو اهڙي اليڪشن ڪميشن ڏٺي آهي، جيڪا پاڻ ئي اسٽي تي آهي، اليڪشن ڪميشن جو پنهنجو مدو ختم ٿي چڪو آهي، اليڪشن ڪميشن جا جاري نوٽيفڪيشن غير قانوني آهن، ان وٽ سڌو نوٽيس جاري ڪرڻ جو اختيار ئي ناهي.
سندس وڌيڪ چوڻ هو ته اسحاق ڊار ماضيءَ ۾ چيو هو ته نااهلي رڳو اها هوندي جيڪا آئين ۾ لکيل آهي، اسان هن نااهلي کي چيلينج ڪنداسين، مخالف ڌر جو اڳواڻ ساڳيو رهندو، اها سيٽ ان لاءِ ريزرو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.