ڪراچي ( رپورٽر) سنڌ جي مڪاني ادارن واري وزير سعيد غني چيو آهي ته صوبي ۾ غير قانوني عمارتن جي تعمير خلاف ايس بي سي اي قانونن ۾ ترميمن جو مسودو سڀني اسٽيڪ هولڊرز کي فراهم ڪيو پيو وڃي ته جيئن سخت ترين قانون سازي ڪري سگهجي. اجلاس ۾ سنڌ اسيمبلي۾ موجود سڀني پارلياماني پارٽين مان هڪ هڪ ميمبر کي دعوت ڏني وئي هئي، پر صرف جماعت اسلامي جو هڪ ميمبر اجلاس ۾ شرڪت ڪئي، جڏهن ته ڪنهن به ٻي پارٽي جو ڪو به ميمبر نه پهتو. ڪراچي ۾ زبون حال ۽ خطرناڪ عمارتن جي ٻيهر سروي جو ڪم وڌيڪ تيز ڪيو وڃي ۽ اهي عمارتون جيڪي واقعي اهڙيون آهن جيڪي انساني جانين کان بچي سگهجي انهن کي خالي ڪيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن گذريل ڏينهن زبون حال ۽ خطرناڪ عمارتن ۽ غير قانوني تعميرات تي قائم ڪميٽي جي چوٿين اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ميئر ڪراچي بئريسٽر مرتضيٰ وهاب، ايڊيشنل چيف سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ سنڌ وسيم شمشاد، ڪمشنر ڪراچي سيد حسن نقوي، ڊي جي ايس بي سي اي شاهه مير ڀٽو، ڊائريڪٽر مشتاق سومرو، جماعت اسلامي ايم سي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ ايڊووڪيٽ سيف الدين، چيئرمين آباد حسن بخشي، وائيس چيئرمين سيد افضل حميد، پاڪستان انجنيئرنگ ڪائونسل جا انجنيئر نياز احمد، پاڪستان ڪائونسل آف آرڪيٽيڪٽس جا عارف بلگامي، آرڪيٽيڪٽ سيد عارف شاهه، فريال سڪندر، ڊپٽي ڪمشنر ڏکڻ جاويد نبي کوسو، ايم سي لياري حماد اين ڊي خان ۽ ٻيا شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ گذريل اجلاس جي پيش رفت رپورٽ پيش ڪندي ڪمشنر ڪراچي چيو ته هاڻي تائين ڪراچي ۾ 588 عمارتن مان 253 جو ٻيهر سروي مڪمل ٿي چڪو آهي. انهن عمارتن مان هن فهرست ۾ 40 عمارتون اهي آهن جيڪي اڳ ۾ ئي ڊاهي ۽ انهن جي مالڪن پاران ٻيهر تعمير ڪيون ويون آهن. جڏهن ته 69 عمارتون ورثي واريون عمارتون آهن، باقي عمارتن کي خطرناڪ قرار ڏنو ويو آهي ۽ انهن کي ٻيهر نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن.