امن امان بهتر ٿيو آهي،ڌاڙيلن وٽ پوليس کان سٺا هٿيار آهن:وڏو وزير

ڪراچي(رپورٽر)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ ۾ امن امان ۾ بهتري آئي آهي ڌاڙيلن وٽ پوليس کان سٺا هٿيار آهن،ڪراچي ۾ يوم شهدا جي تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته هڪ سال اڳ 40 ماڻهو اغوا ٿيل هئا، ۽ هاڻي 7 مغوي آهن،4 آگسٽ 2024کان چار آگسٽ 2025ع تائين مقابلن ۾21 شهادتون ٿي چڪيون آهن،روڊ ٽريفڪ حادثن  ۾ ٽي ۽ ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ 4 شهادتون ٿي چڪيون آهن،هڪ سال ۾ پوليس اهلڪارن جون ڪل 31 شهادتون ٿيون آهن،وارثن کي معاوضو ڏنو ويندو آهي،گهرن جي کوٽ به پوري ڪئي ويندي آهي جڏهن ته شهيد اهلڪارن جي ٻارن جي تعليم جو خرچ به سنڌ حڪومت ۽ سنڌ پوليس ڀريندي آهي،هن چيو ته هن وقت به 17 اهلڪار اڃا تائين شهيد قرار نه ڏنا ويا آهن،آءِ جي سنڌ کي چوندس ته جتي ان پراسيس ۾ دير ٿي رهي آهي،اها ختم ڪئي وڃي،هن چيو ته اسان جي اڪثر شهيدن جو تعلق ڪراچي، جيڪب آباد، شڪارپور، لاڙڪاڻو، قمبر، خيرپور، دادو، سان آهي، انهن علائقن ۾ ڌاڙيلن جو راڄ هوندو هو،اتي اهي شهادتون ٿيون آهن،هن چيو ته انهن شهادتن جي ڪري اسان ڪنهن حد تائين سڪون سان ننڊ ڪريون ٿا،مان اهو نه چوندس ته اڃا به حالتون تسلي جوڳيون آهن،پوليس جي شهيدن کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا،هن چيو ته هاڻي سنڌ ۾ ٽريفڪ قانون جي ڀڃڪڙي تي اليڪٽرانڪ چالان ماڻهن جي گهرن تائين پهچايو ويندو،

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.