6 مهينن دوران ساڍا ٽي لک پاڪستاني ملڪ ڇڏي ويا

اسلام آباد(م ڊ) ملڪ ۾ وڌندڙ بيروزگاري، معاشي بيچيني ۽ گهٽ پگهارن سبب هلندڙ سال جي شروعاتي 6 مهينن دوران تقريبن ساڍا ٽي لک پاڪستاني ماڻهو ملڪ ڇڏي ويا، انهن ۾ اعليٰ تعليم يافته ماڻهن سان گڏ انتهائي فني مهارت رکندڙ ماڻهو به شامل آهن، جڏهن ته ڊاڪٽرن ۽ نرسن جي ملڪ ڇڏڻ سبب صحت جي نظام ۾ به مسئلا وڌڻ لڳا آهن، عرب اخبار گلف نيوز جي رپورٽ مطابق، گذريل ڪجهه سالن دوران پاڪستان مان نرسون وڏي پيماني تي روزگار جي ڳولا ۾ ٻاهرين ملڪن ڏانهن منتقل ٿي رهيون آهن، جنهن سبب اڳ کان ئي دٻاءُ هيٺ آيل طبي نظام وڌيڪ خراب ٿي ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.