بنگلاديش جي عبوري حڪومت عام چونڊن جو باضابطا اعلان ڪري ڇڏيو

ڍاڪا (ويب ڊيسڪ) بنگلاديش جي عبوري حڪومت ملڪ ۾ عام چونڊن جي حوالي سان باضابطا طور اعلان ڪري ڇڏيو.
بنگلاديش جي عبوري حڪومت اعلان ڪيو آهي ته ملڪ ۾ عام چونڊون فيبروري 2026 ۾ ٿينديون.
واضح رهي ته 2024 ۾ بنگلاديش ۾ شاگردن جي قيادت ۾ پرتشدد احتجاجي مظاهرا شروع ٿيا هئا، جنهن جي نتيجي ۾ ان وقت جي وزيراعظم شيخ حسينا واجد جي حڪومت جو خاتمو ٿيو.
ان کانپوءِ ملڪ ۾ هڪ اڻ چونڊيل عبوري حڪومت ڪئي وئي هئي، جيڪا اڃا تائين ملڪي معاملا هلائي رهي آهي، اها عبوري حڪومت نوبيل امن انعام يافتا محمد يونس جي سربراهي ۾ ڪم ڪري رهي آهي.
محمد يونس آگسٽ 2024 ۾ ملڪ جون واڳون سنڀاليون، جڏهن شيخ حسينا واجد ملڪ ڇڏي ڀارت هلي وئي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.