بنگلاديش ۾ پاڪستاني پرچم جو رڪارڊ وڪرو، ڀارت ته سڙندو هوندو: سوشل ميڊيا واهپيدار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) بنگلاديش ۾ پاڪستان جو آزادي ڏهاڙو ويجهو ايندي ئي پاڪستاني پرچم جي طلب ۾ واڌ ٿي وئي.
بنگلاديش جي مقامي بازارن ۽ آن لائن اسٽورن تي سائي ۽ اڇي پرچم جي وڪري ۾ وڏي تيزي اچي وئي، پاڪستاني پرچمن جي ڊيمانڊ نئون رڪارڊ قائم ڪري ڇڏيو آهي، جنهن تي ٻنهي ملڪن جا سوشل ميڊيا واهپيدار خوش نظر اچي رهيا آهن.
هڪ واهپيدار لکيو ته بنگلاديش ۾ 14 آگسٽ جي مناسبت سان پاڪستاني پرچمن جي طلب سان ڀارت ۾ ڪهرام مچي ويو آهي، گڏوگڏ هن لکيو ته اسان هڪ آهيون.
هڪ ٻئي واهپيدار لکيو ته ڀارت هارائي ويو، بنگلاديش ۾ پاڪستان جو آزادي ڏهاڙو ڌام ڌوم سان ملهايو ويندو، بنگلاديشي بازارن ۾ پاڪستاني جهنڊن جو ڪاروبار هن وقت عروج تي آهي.
واهپيدارن چيو ته اڳ ۾ پاڪستاني پرچم ايران ۾ لهرايو ويو، هاڻ قومي پرچم بنگلاديش ۾ نظر اچي رهيو آهي، ڀارت ته سڙندو هوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.