شرجيل ميمڻ سنڌ پوليس کي ملڪ جي بهترين پوليس قرار ڏئي ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ اسيمبلي ۾ پوليس جي شهيدن کي خراج تحسين پيش ڪرڻ لاءِ ٺهراءُ پيش ڪيو ويو.
اسيمبلي اجلاس دوران خيالن جو اظهار ڪندي شرجيل ميمڻ سنڌ جي پوليس کي ملڪ جي بهترين پوليس قرار ڏئي ڇڏيو.
هن چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ هجي يا مذهبي ميڙاڪن جي سيڪيورٽي، پوليس پهرين صف ۾ ڪم ڪري رهي آهي، پوليس جي جوانن اسٽاڪ ايڪسچينج ۽ سينٽرل پوليس آفيس تي حملو ناڪام بڻايو، ڪنهن ٻئي صوبي ۾ پوليس دهشتگردي جا ايترا ڪيس حل ناهن ڪيا.
ضياءُ الحسن لنجار چيو ته پوليس جي قربانين سبب سنڌ ۾ امن ٿي رهيو آهي، شهيدن جي مائرن کي سلام پيش ڪيون ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.