اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ محمد سعيد کي واپڊا جو نئون چيئرمين مقرر ڪري ڇڏيو، سندس مقرري وفاقي ڪابينا جي منظوري کانپوءِ عمل ۾ آندي وئي آهي.
واپڊا جي نئين چيئرمين محمد سعيد وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ نائب وزيراعظم اسحاق ڊار به موجود هو، ملاقات دوران آبي وسيلن، قومي ترقي جي منصوبن ۽ اداري جي مجموعي ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ بابت معاملن تي گفتگو ٿي.
وزيراعظم عهدو سنڀالڻ تي محمد سعيد کي مبارڪباد ڏني ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي چيو اميد ته هو پنهنجي صلاحيتن ۽ تجربي سان اداري ۾ وڌيڪ بهتري آڻيندو.
You might also like