عبدالرزاق سان لاڳاپا! تمنا ڀاٽيا حقيقت بيان ڪري ڇڏي

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي ناليواري اداڪارا تمنا ڀاٽيا اڳوڻي پاڪستاني ڪرڪيٽر عبدالرزاق ۽ ڀارتي ڪرڪيٽر ويرات ڪوهلي سان لاڳاپن بابت پراڻين خبرن تي ردعمل جو اظهار ڪيو آهي.
هڪ انٽرويو ۾ تمنا ڀاٽيا اهڙين خبرن تي حيرت ۽ شرمندگي جو اظهار ڪندي ٻڌايو ته 2020 ۾ هڪ جيولري اسٽور جي تقريب ۾ عبدالرزاق سان ورتل هڪ تصوير جي بنياد تي ان سان لاڳاپن جا افواهه گردش ڪرڻ لڳا.
هن چيو ته انٽرنيٽ واقعي هڪ دلچسپ جڳهه آهي، انٽرنيٽ موجب منهنجي عبدالرزاق سان مختصر شادي به ٿي چڪي آهي، معاف ڪجو سر، توهان جا ته ٻه ٽي ٻار به آهن، مون کي توهان جي زندگي بابت ڪا ڄاڻ ناهي پر انهن ڳالهين تي شرمندگي ٿي هئي.
بالي ووڊ اداڪارا ڪرڪيٽر ويرات ڪوهلي سان لاڳاپن جي خبرن تي به ڳالهايو، جيڪي هڪ اشتهار ۾ گڏ نظر اچڻ کانپوءِ گردش ڪرڻ لڳيون هيون.
هن وضاحت ڪئي ته مون کي واقعي افسوس ٿيندو آهي، ڇو ته مان رڳو هڪ ڏينهن لاءِ ان سان ملي هيس، ان فوٽ کانپوءِ نه مان ان سان ڳالهايو نه ملي آهيان.
تمنا ڀاٽيا چيو ته انهن ٻنهي سان لاڳاپن جون خبرون بي بنياد آهن ۽ رڳو پيشيوراڻي ملاقاتن جي غلط تشريح جو نتيجو هيون.
سندس وڌيڪ چوڻ هو ته وقت لڳندو آهي پر نيٺ انسان اهو سمجهي ويندو آهي ته ڪجهه ڳالهين تي توهان ڪجهه نٿا ڪري سگهو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.