سنڌ حڪومت جو اجرڪ واري نمبر پليٽ جي حوالي سان اهم فيصلو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت صوبي ۾ گاڏين ۽ موٽر سائيڪلن لاءِ خاص فيچر رکندڙ نئين نمبر پليٽ حاصل ڪرڻ جي آخري تاريخ وڌائي ڇڏي.
سنڌ حڪومت جي ترجمان موجب خاص فيچر واري نمبر پليٽ لاءِ آخري تاريخ هاڻ 14 آگسٽ مان وڌائي 31 آڪٽوبر 2025 ڪئي وئي آهي.
ان حوالي سان ايڪسائز کاتي طرفان نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويندو، اختيارين جو چوڻ آهي ته شهري 31 آڪٽوبر تائين پنهنجي گاڏين ۽ موٽر سائيڪلن لاءِ موجوده نمبر پليٽن جو استعمال ڪري سگهن ٿا، ان کانپوءِ خاص فيچر واري نمبر پليٽ لڳائڻ لازمي هوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.