سامونڊي معاملن واري وزارت ايران ۽ نار ملڪن جي سفر لاءِ فيري سروس لائسنس جي منظوري ڏئي ڇڏي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سامونڊي معاملن واري وزارت ايران ۽ نار ملڪن جي سفر لاءِ فيري سروس لائسنس جي منظوري ڏئي ڇڏي.
وزارت جي ترجمان موجب سي ڪيپرز کي ايران ۽ نار ملڪن لاءِ فيري لائسنس جي منظوري ڏني وئي آهي.
سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير جنيد انوار چوڌري چيو ته اڄ سامونڊي رابطي جي نئين تاريخ لکجي وئي آهي، فيري سروس سان زائرين ۽ مزدورن کي سستو سفر ملندو.
هن چيو ته ڪراچي ۽ گوادر مان فيري سروس جي شروعات ٿيندي، سامونڊي سفر محفوظ، پرسڪون ۽ سگهه جوڳو بڻايو ويندو، پاڪستان جي سامونڊي معيشت کي هٿي ملندي.
سندس چوڻ هو ته فيري سروس سان علائقائي سياحت ۽ واپار کي هٿي ملندي، فيري سروس شروع ڪرڻ لاءِ ڪوششون تيز ڪري ڇڏيون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.