لاهور/دبئي(مزمل سهروردي)ڪنهن يورپي ملڪ فرار ٿي ويل ملڪ رياض يو اي اي حڪومت مجبور ڪيو ته هو دبئي واپس اچي، ڇو ته بحريا دبئي پروجيڪٽ هن طرفان شروع ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ هزارين ماڻهن اپارٽمينٽس ۽ آفيسون خريد ڪيون آهن. ملڪ رياض اڳ ۾ ئي 20٪ اڳواٽ ادائيگي وٺي چڪو آهي، هاڻ پروجيڪٽ جي ڊيليوري جو وقت آهي.جيڪڏهن ملڪ رياض دبئي ڇڏين ها، ته پروجيڪٽ ناڪام ٿي وڃي ها.ان لاءِ يو اي اِي حڪومت هن سان اها شرط رکي ته:پروجيڪٽ مڪمل ڪري ڏي،۽ کيس دبئي ۾ ڪجهه نه چيو ويندو.ان شرط تي ملڪ رياض ۽ سندس خاندان دبئي موٽي آيو آهي.جڏهن ته پاڪستان حڪومت، گڏيل عرب امارات کي ملڪ رياض خلاف مني لانڊرنگ جا ثبوت مهيا ڪيا آهن.ملڪ رياض دبئي جي جائيداد جا پيسا پاڪستان مان حوالا / هنڊي ذريعيوصول ڪيا.اهي پيسا UAE جي قانون جي ڀڃڪڙي ڪن ٿا، ڇو ته اھي UAE جي خاص ڊولپرز جي اڪائونٽ ۾ نه آيا.هاڻ ملڪ رياض تي دباءُ آهي ته:غيرقانوني وصول ٿيل پيسا سرڪاري اڪائونٽ ۾ واپس جمع ڪرائي.۽ پروجيڪٽ جي 100٪ مڪمل ڊيليوري ڏي.ملڪ رياض لڳ ڀڳ 1500 ولاز، 10 هاءِ رائيز بلڊنگون، ۽ سئو کن اپارٽمينٽس وڪرو ڪيا آهن.جيڪڏهن هو ڊيليوري نه ٿو ڪري، ته UAE جي ريل اسٽيٽ مارڪيٽ تي وڏو اثر پوندو.ٻئي پاسي جنرل فيض خلاف فيلڊ ڪورٽ مارشل جاري آهي.دير جو سبب: 200 شاهدن جون شاهديون، جيڪي هاڻ مڪمل ٿي ويون آهن.هاڻ دليلن جو مرحلو هلي رهيو آهي.فوج جي تحقيقاتي ٽيم دبئي اچي ملڪ رياض کان فيض بابت بيان ورتو.رپورٽ موجب، ملڪ رياض جنرل فيض تي 5 ارب رپيا خرچ ڪيا.اڻڄاتل ذريعن مطابق، فيض ۽ عمران خان گڏجي ملڪ رياض کي بليڪ ميل ڪندا هئا.ملڪ رياض جي موقف موجب، هو سڀن خلاف ڳالهائڻ کان ڊڄي ٿو.ملڪ رياض دبئي ۾ پنهنجي ويجهن ماڻهن کي چيو آهي ته مان پاڪستان واپس نه ايندس.بحريا پاڪستان جا متاثرين ۽ فوج پاڻ نبيرن.مان ڪنهن جو ذميوار نه آهيان.منهنجا اڪائونٽ فريز، ملڪيت ضبط، ته به مان واپس نه ايندس.ملڪ رياض جي پوزيشن جي ڪري، پاڪستان ۾ بحريا جي قيامت جهڙي صورتحال آهي.ڊي ايڇ اي (DHA) بحريا پاڪستان کي سنڀالڻ لاءِ تيار ناهي، ڇو ته بحريا جون رهتون تمام گهڻيون آهن.قانوني ڀڃڪڙيون، نالن، باغن، روڊن تي اڏاوتون ٿيل آهن.تجويز آهي ته مقامي ٽائون ڪاميٽيون يا ڪمشنر آفيس بحريا جي پراپرٽيز سنڀالي.