سنڌ جي اسپتالن ۾ نه رڳو سمورا پاڪستاني پر پرڏيهي به مفت علاج ڪرائڻ ايندا آهن: شرجيل ميمڻ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته صوبي جي اسپتالن ۾ نه رڳو پاڪستانين پر ايران، افغانستان سميت ٻين به ڪيترن ئي ملڪن جي شهرين لاءِ علاج جو مفت سهولتون آهن.
پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس جي عهديدارن جي مان ۾ ڪراچي ۾ رٿيل هڪ تقريب کي خطاب ڪندي شرجيل ميمڻ چيو ته جيڪڏهن ڪنهن صحافي تي حملو ٿئي ته بنا دير وڏي اسپتال ۾ علاج ڪرايو ويندو آهي، اسان سياسي اختلاف ناهيون ڏسندا بس خدمت ڪندا آهيون، اسان سدائين ڪوشش ڪئي ته ميڊيا فرينڊلي رهون ۽ ميڊيا انڊسٽري کي ترقي ڏيون، ميڊيا هائوسز ۾ گهٽ ۾ گهٽ اجرت جي قانون تي عملدرآمد يقيني بڻايو ويندو، اها اسان جي ترجيح آهي.
هن چيو ته پاڪستان ڀارت کي تاريخي شڪست ڏني ۽ ان فتح جو جشن ملهائڻ اعزاز جي ڳالهه آهي، هاڻ پاڪستاني پاسپورٽ تي سفر ڪرڻ جو فخر ۽ مزو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.