ڪراچي (ويب ڊيسڪ) گذريل سال ڊرامي ”ڪڀي مين ڪڀي تم“ ذريعي شهرت ماڻيندڙ اداڪارا نعيمه بٽ جي نئين وڊيو تي مٿس تنقيد ٿي رهي آهي، جنهن ۾ هو چئي ٿي ته مون کي اهڙي انڊسٽري ۾ ڪم ناهي ڪرڻو، جتي اداڪارائن جا لاش ملندا آهن.
نعيمه بٽ تازو انسٽاگرام اسٽوري ۾ پنهنجي هڪ مختصر وڊيو شيئر ڪئي، جنهن ۾ هن مداحن طرفان پڇيل سوالن ۽ تنقيد جو منفرد انداز ۾ جواب ڏنو.
اداڪارا مختصر وڊيو ۾ ٻڌايو ته منهنجي لاءِ چيو پيو وڃي ته مون کي ڊرامن ۾ ڪم نه پيو ملي، جنهن انڊسٽري ۾ اداڪارائن ۽ ماڊلز جا لاش ملي رهيا هجن، مون کي اهڙي انڊسٽري ۾ ڪم ناهي ڪرڻو.
وڊيو ۾ هن پنهنجي پالتو ڪتي کي به ڏيکاريو ۽ چيو شوبز انڊسٽري کان ته پالتو ڪتو وفادار آهي.
اداڪارا توڙي جو ڪنهن جو نالو نه ورتو پر سندس اشارو مئل حالت ۾ هٿ آيل اداڪارا ۽ ماڊل حميرا اصغر ۽ سينيئر اداڪارا عائشا خان ڏانهن هو.
حميرا اصغر جو لاش 8 جولاءِ تي ڪراچي جي مسواڙ جي فليٽ مان مليو هو، ان کان اڳ جون ۾ سينيئر اداڪارا عائشا خان به ڪراچي ۾ پنهنجي فليٽ مان مئل حالت ۾ هٿ آئي هئي.
You might also like