اڄ تائين ڪنهن به ٻئي صوبي ٻوڏ متاثرن کي گهر ناهن ڏنا: آصفا ڀٽو

نوابشاهه(ڊر) خاتونِ اول ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبر بي بي آصفه ڀٽو زرداري شهيد بينظير آباد ۾ سنڌ پيپلز هائوسنگ فار فلڊ افيڪٽيز منصوبي تحت مالڪيءَ جا دستاويز ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته اڄ جو ڏينهن اسان سڀني لاءِ فخر جو ڏينهن آهي، گهرن جي مالڪيءَ جا دستاويز صرف ڪاغذ جو ٽڪرو نه آهن، پر اهي اوهان جي مستقبل جي تحفظ جي علامت آهن، سنڌ حڪومت پاران ايس پي ايڇ ايف منصوبي تحت 21 لک گهر تعمير ڪيا پيا وڃن، ۽ سڀ کان اهم ڳالهه اها آهي ته هر گهر جي زمين ان گهر جي عورت جي نالي تي ڪئي پئي وڃي، هي رڳو هڪ گهر ناهي، پر اوهان لاءِ ۽ اوهان جي ٻارن لاءِ اختيار، عزت ۽ تحفظ جي علامت آهي، منصوبي کي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي محنت، بصيرت ۽ عوام دوست سوچ جو نتيجو قرار ڏيندي آصفه چيو ته اڄ تائين ڪنهن به ٻئي صوبي يا سياسي جماعت ايڏو وڏو ۽ عوامي ڀلائي وارو قدم نه کنيو آهي، بي بي آصفه، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي واعدي جو حوالو ڏيندي چيو ته اهو اهو واعدو هو، جيڪو شهيد ڀٽو عوام سان ڪيو هو ته هر شهري کي زمين، رهائش ۽ عزت ڏني ويندي، اڄ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اهو واعدو پورو ڪري رهيو آهي، هن چيو ته انشاءَ الله اوهان به محفوظ رهندؤ ۽ اوهان جا ايندڙ نسل به عزت ۽ وقار سان زندگي گذاريندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.