اهي 11ميوا جيڪي شگر جا مريض بنا خوف جي کائي سگهن ٿا

شگر جي مريضن لاءِ خوراڪ چونڊڻ دوران اهو لازمي آهي ته اهڙيون شيون استعمال ڪجن، جن ۾ گليسمڪ انڊيڪس گهٽ هجي، مطلب رت ۾ مٺاڻ وڌائڻ جو امڪان گهٽ هجي. خوشقسمتي سان ڪجهه ميوا اهڙا آهن، جيڪي نه رڳو ذائقي ۾ سٺا آهن، پر شگر به گهٽ رکن ٿا ۽ شگر جا مريض انهن مان لطف وٺي سگهن ٿا.

  1. بليڪ بيري

قدرتي مٺاڻ هجڻ جي باوجود بليڪ بيري ۾ شگر تمام گهٽ هوندي آهي. ان ۾ فائبر ۽ اينٽي آڪسيڊنٽس به هوندا آهن. ان جو گليسمڪ انڊيڪس 41 آهي.

  1. ڪوي

    شگر جي مريضن لاءِ ڪِوي به تمام فائديمند آهي. ان کي کَلن سميت کائڻ سان فائبر وڌيڪ ملي ٿو. ان جو گليسمڪ انڊيڪس 36 آهي.

  2. آڙو

    آڙو فائبر سان ڀرپور آهي ۽ هاضمي کي بهتر بڻائي ٿو. اهو شگر کي آهستي جذب ٿيڻ ۾ مدد ڏئي ٿو. ان جو گليسمڪ انڊيڪس 38 آهي.

  3. انناس

    انناس وٽامن C سان مالامال آهي ۽ ان شگر به نارمل مقدار ۾ هوندي آهي. ان کي سڄي ميوي طور کائڻ گهرجي، جوس کان پاسو ڪيو وڃي. ان جو گليسمڪ انڊيڪس 40 آهي.

  4. هنداڻو

    هنداڻو پاڻي سان ڀرپور آهي، ان ۾ گهٽ مقدار ۾ مٺاڻ، ۽ انٽي آڪسيڊنٽس، وٽامن A ۽ C به شامل آهن. ان جو گليسمڪ انڊيڪس 42 آهي.

  5. چيري

    چيري اينٽي آڪسيڊنٽس سان ڀرپور آهي، دماغي صحت لاءِ مفيد آهي، ۽ انکي نارمل مقدار ۾ استعمال ڪرڻ سان رت ۾ شگر ناهي وڌندي. ان جو گليسمڪ انڊيڪس 53 آهي.

  6. نارنگيون

    نارنگين ۾ قدرتي طور سوڄ گهٽ ڪرڻ وارا جزا شامل هوندا آهن. ان جو گليسمڪ انڊيڪس 20 آهي، جيڪو تمام گهٽ آهي.انڪري شگر جا مريض نارنگين يا ان نسلن جي مختلف شين چڪوترن وغيره کي به سولائيءَ سان کائي سگهن ٿا.

  7. پپيتو

    پپيتو پاڻي سان ڀرپور، شگر ۾ گهٽ پر گليسمڪ انڊيڪس ۾ بلند هوندو آهي. ان ڪري شگر جا مريض ان کي رڳو ٿوري مقدار ۾، جيئن 1-2 ننڍا ٽڪرا، کائي سگهن ٿا. ان جو گليسمڪ انڊيڪس 72 آهي.

    ان سان شگر جا مريض صوف، ڪيلا ۽ انگور به کائي سگهن ٿا انهن سان به شگر فوري طور تي يا گهڻي ناهي وڌندي پر ان لاءِ انهن جو مقدار انهتائي اهم آهي.

شگر جي مريضن لاءِ اهي ميوا نارمل مقدار ۾ استعمال ڪرڻ سان فائديمند ٿي سگهن ٿا، پر ڪنهن به شيءِ کي غذا ۾ شامل ڪرڻ کان اڳ ڊاڪٽر جي صلاح ضرور وٺڻ گھرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.