پنهنجا نوازي ۽ ڪرپشن جا الزام، لٿوانيا جو وزيراعظم مستعفيٰ

وينيس(م ڊ) لٿوانيا جي وزيراعظم تي الزام هو ته هن پنهنجي سالِي جي ڪمپني، جنهن ۾ هو پاڻ به شريڪ چيئرمين آهن، کي مالي فائدا پهچايا. لٿوانيا جي وزيراعظم گنتاؤتاس پالُڪاس پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. عالمي خبر رسائيندڙ اداري موجب ملڪ جي اهم اتحادي جماعت فور لٿوانيا گذريل ڏينهن خبردار ڪيو هو ته جيڪڏهن پالُڪاس استعيفيٰ نه ڏني ته اهي حڪومتي اتحاد مان نڪري ويندا. هن ڌمڪي کان پوءِ وزيراعظم لاءِ پنهنجي عهدي تي قائم رهڻ ڏکيو ٿي ويو. ٻئي طرف، لٿوانيا جي وزيراعظم اعتراف ڪيو ته ماضي ۾ ڪيل منهنجون ڪجهه غلطيون حڪومت جي ڪارڪردگي تي منفي اثر وجهيون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.