قائد عوام يونيورسٽي ڪرپشن ڪيس ۾ وڌيڪ هڪ پروفيسر شامل

نوابشاھه (رپورٽ: غلام نبي) قائد عوام يونيورسٽي ۾ ٿيل مبينا ڪرپشن جي ڪيس ۾ زباني موڪل تي ويل پروفيسر ستار ساند جو نالو به شامل ٿي ويو آهي، قائدعوام يونيورسٽي کي هائير ايجوڪيشن  ڪميشن طرفان جاري ڪيل فنڊن ۾ خرد برد ڪيس ۾ ايف آئي اي جي جاچ ٽيم اليڪٽريڪل انجنيئرنگ ڊپارٽمينٽ جي چيئرمين ۽ سامان خريداري ڪميٽي جي ڪنوينر پروفيسر ستار ساند جو نالو ڪيس ۾ شامل ڪري ڪچو چالان اسپيشل جج اينٽي ڪرپشن ڪورٽ سکر وٽ جمع ڪرائي ڇڏيو آهي، جڏهن ته پروفيسر ستار ساند 6 آگسٽ تائين سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي مان گرفتاري کان اڳ واري ضمانت وٺي ڇڏي آهي، ياد رهي هن ڪيس ۾ اڳ 8 جوابدارن تي ڪيس داخل آهي، هڪ وڌيڪ شامل ٿيڻ بعد جوابدارن جو تعداد 9 ٿي ويو آهي، 9 جوابدارن مان صرف هڪ نامزد جوابدار ڊپٽي ڊائريڪٽر فنانس قمر دين شيخ کي ايف آئي اي گرفتار ڪيو هو جيڪو هن وقت جيل ۾ آهي، ڪيس بابت عوامي آواز پاران ايف آئي اي سرڪل جي ڊپٽي ڊائريڪٽر افروز ڪلوڙ کان موقف وٺڻ لاءِ مسلسل رابطي ڪيو ويو پر هن سان رابطو نه ٿي سگهيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.