نون ڪرنسي نوٽن جي حتمي ڊيزائن طئي، مارڪيٽ ۾ ڪڏهن ايندا؟ اهم خبر اچي وئي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) هلندڙ سال جي منڍ ۾ اسٽيٽ بينڪ جي گورنر جميل احمد اعلان ڪيو هو ته 2025 ۾ پاڪستاني ڪرنسي جي نوان نوٽ مارڪيٽ ۾ اچي ويندا.
ان ڳالهه کي 6 مهينن کان وڌيڪ جو عرصو گذري چڪو آهي پر پاڪستاني عوام ۾ اڃا تائين تجسس برقرار آهي ته نوان ڪرنسي نوٽ ڪڏهن متعارف ٿيندا.
پر زري پاليسي ڪميٽي جي اجلاس کانپوءِ اسٽيٽ بينڪ گورنر کان ٻيهر نون ڪرنسي نوٽن جي حوالي سان سوال ڪيو ويو ته اهي ڪيستائين جاري ٿيندا؟
اسٽيٽ بينڪ گورنر چيو ته نون ڪرنسي نوٽن تي اسان سمورو ڪم مڪمل ڪري ورتو آهي، نوٽن جون حتمي ڊيزائنون به طئي ٿي چڪيون آهن، ان حوالي سان اسان مشهور عالمي ايجنسي جي ڊيزائنر جون خدمتون حاصل ڪيون ۽ هاڻ سموريون طئي ٿيل ڊيزائنون وفاقي حڪومت سامهون رکيون وينديون.
هن چيو ته جيئن ئي حڪومت انهن نون نوٽن جي منظوري ڏيندي، انهن جي پرنٽنگ شروع ٿي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.