26 نومبر ڪيس: عارف علوي ۽ سلمان اڪرم راجا سميت پي ٽي آءِ جي 50 اڳواڻن جا گرفتاري وارنٽ جاري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت 26 نومبر احتجاج ڪيس ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي 50 اڳواڻن جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا.
اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج ابوالحسنات ذوالقرنين پي ٽي آءِ اڳواڻن خلاف گرفتاري جا وارنٽ جاري ڪيا.
عدالت طرفان اڳوڻي صدر عارف علوي، خيبرپختونخوا جي وڏي وزير عمر امين گنڊاپور، قومي اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر اسد قيصر، حماد اظهر، عاطف خان، عبدالقيوم نيازي، شبلي فراز، فيصل جاويد ۽ سلمان اڪرم راجا جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا ويا آهن.
ان کانسواءِ عدالت رئوف حسن، مراد سعيد، احمد نيازي، شعيب شاهين، اعظم سواتي، عمر ايوب، صاحبزاده حامد رضا، عليمه خان، شيخ وقاص اڪرم، ڪنول شوزب، شاندانه گلزار ۽ شير افضل مروت جا به گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا.

تازا ترين ۽ اهم خبرن تائين ترت ۽ آسان رسائي لاءِ عوامي آواز جي واٽس ايپ چينل کي فالو ڪريو

پوليس موجب، پي ٽي آءِ اڳواڻن جا گرفتاري وارنٽ ڪراچي ڪمپني ٿاڻي ۾ داخل ٻن ڪيسن ۾ جاري ڪيا ويا آهن، جن جي درخواست پوليس طرفان ڏني وئي هئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.