اسٽيٽ بينڪ جو وياج جي شرح 11 سيڪڙو تي برقرار رکڻ جو اعلان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اسٽيٽ بئنڪ ايندڙ ٻن مهينن لاءِ وياج جي شرح 11 سيڪڙو تي برقرار رکڻ جو اعلان ڪيو آهي.
اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر جميل احمد پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته هڙئي معاشي اشارا ڏسي وياج جي شرح کي 11 سيڪڙو تي برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
هن چيو ته مهانگائي جي شرح اپريل ۾ تمام گهٽ رهي، جڏهن ته مئي ۽ جون ۾ ان ۾ ٿوري واڌ رڪارڊ ڪئي وئي، بنيادي اثر (بيس افيڪٽ) ۽ توانائي جي قيمتن جي ڪري مهانگائي ايندڙ وقت ۾ به ٿوري وڌڻ جو امڪان آهي، ملڪ ۾ هن وقت مهانگائي جي شرح 7.2 سيڪڙو آهي.

تازا ترين ۽ اهم خبرن تائين ترت ۽ آسان رسائي لاءِ عوامي آواز جي واٽس ايپ چينل کي فالو ڪريو

گورنر اسٽيٽ بئنڪ موجب، ريٽنگ بهتر ٿيڻ سبب قرض گهٽ وياج تي ملي رهيو آهي.
هن چيو ته برآمدات ۾ 4 سيڪڙو واڌ ٿي آهي، جڏهن ته ورڪرز ريمٽينسز 8 ارب ڊالر وڌي ويون آهن، جنهن جي ڪري ڪرنٽ اڪائونٽ سرپلس ۾ رهيو.
جميل احمد جو چوڻ هو ته ڪرنٽ اڪائونٽ کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ برآمدات ۾ واڌ ضروري آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.