ڪاجول پنجاهه ورهين جي عمر ۾ به جوان نظر اچڻ جو راز ٻڌائي ڇڏيو

ممبئي(ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي مشهور اداڪارا ڪاجول 50 ورهين جي عمر ۾ صحتمند ۽ جوان نظر اچڻ واري راز تان پردو کڻي ڇڏيو.
اداڪارا ويجهڙ ۾ هڪ ٽي وي پروگرام ۾ شرڪت ڪئي جتي هن فلمي سفر سميت مختلف موضوعن تي ڳالهائيندي اعتراف ڪيو ته هوءَ عمر وڌڻ بابت ڪڏهن ڪڏهن پريشان ضرور ٿيندي آهي.
سندس چوڻ هو ته هوءَ سمجهي ٿي ته عمر جو اندازو چهري جي گھنجن کان وڌيڪ اکين مان لڳائي سگهجي ٿو، جڏهن ماڻهو ٿڪجي پون ٿا يا زندگي مان تنگ ٿي وڃن ٿا، تڏهن چهري تي گهنج ظاهر ٿيڻ لڳن ٿا ۽ وڏي عمر جو به احساس ٿيڻ لڳي ٿو.
اداڪارا پنهنجي ڳالهه جاري رکندي وڏي عمر کي خوش نصيبي قرار ڏنو ۽ چيو ته ڪيترائي ماڻهو جواني ۾ ئي وڇڙي وڃن ٿا، تنهنڪري وڏي عمر خوش نصيبي آهي.

تازا ترين ۽ اهم خبرن تائين ترت ۽ آسان رسائي لاءِ عوامي آواز جي واٽس ايپ چينل کي فالو ڪريو

اداڪارا صحتمند زندگي ۽ پنهنجي روزاني روٽين بابت مداحن کي ٻڌايو ته هوءَ روزانو 8 گلاس پاڻي پيئي ٿي، 8 کان 10 ڪلاڪ ننڊ ڪري ٿي ۽ رات جو سمهڻ کان اڳ منهن ڌوئي ڪريم لڳائي ٿي ۽ باظابطا ورزش پڻ ڪري ٿي.
ڪاجول وڌيڪ چيو ته سندس آڏو اڃا ڪجهه سال آهن جن کي ڀرپور نموني ماڻڻ چاهي ٿي.
ياد رهي ته ڪاجول 1992ع ۾ هندي سئنما ۾ قدم رکيو، جنهن کانپوءِ هن ڪيئي ئي سپر هٽ فلمن ۾ اداڪاريءَ جا جوهر ڏيکاريا.
سندس مشهور فلمن ۾ ”بازيگر“، ”دل والي دلھنيا لي جائين گي“، ”ڪڇ ڪڇ هوتا هي“، ” دشمن“، ”ڪڀي خوشي ڪڀي غم“ ” ماءِ نيم از خان“ ۽ ” فنا“ سميت ٻيون به ڪيتريون ئي فلمون شامل آهن۔ تازو ئي سندس نئين فلم "سرزمين” رليز ٿي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.