”وڇوڙو ماري ٿو“: گهڻي ڏکن ۽ سوڳ ۾ رهندڙ ماڻهو تڪڙي مرن ٿا: ماهر

هڪ نئين طبي تحقيق مان خبر پئي آهي ته جيڪي ماڻهو ڪنهن ويجهي عزيز جي موت يا ڪنهن به ٻئي قسم جي سخت ڏک ۾ مبتلا ٿين ٿا، انهن جي ايندڙ ڏهن سالن اندر مرڻ جو امڪان لڳ ڀڳ ٻيڻو ٿي ويندو آهي.

تحقيق موجب جن ماڻهن جو ڏک ڪنهن پيار واري جي وڇڙڻ کانپوءِ پهرين ڪجهه سالن تائين لڳاتار سخت رهي ٿو، انهن جي مرڻ جو خطرو 88 سيڪڙو وڌي ويو. اهڙا نتيجا "فرنٽيئرز ان پبلڪ هيلٿ" نالي طبي ميگزين ۾ ڇپيا آهن.

تحقيق مان اهو به ظاهر ٿيو ته اهڙن ماڻهن جي ذهني حالت ٽاڪ ٿراپي ذريعي ٽي ڀيرا بهتر ٿي سگهي ٿي، ڊپريشن جي دوا سان پنج ڀيرا، ۽ پريشاني گهٽائڻ واري دوا سان ٻيڻو فائدو ملي سگهي ٿو.

تحقيق جي اڳواڻي ڊينمارڪ جي شهر آرهس ۾ موجود جنرل پريڪٽس جي ريسرچ يونٽ جي پوسٽ ڊاڪٽورل ماهر ميٽ ڪيرگارڊ نيليسن ڪئي. هن تحقيق ۾ 1700 کان وڌيڪ اهڙا مرد ۽ عورتون شامل ڪيا ويا جن جي سراسري عمر 62 سال هئي. انهن مان 66 سيڪڙو پنهنجي زال يا مڙس کي، 27 سيڪڙو ماءُ پيءُ کي ۽ 7 سيڪڙو ڪنهن ٻئي عزيز کي وڃائي چڪا هئا.

ماهرن انهن کان سوالنامو ڀرايو، جنهن مان خبر پئي ته لڳ ڀڳ 6 سيڪڙو ماڻهن ۾ ڏک جي شدت وقت گذرڻ باوجود برقرار رهي، 38 سيڪڙو ماڻهن ۾ ڏک منڍ کان گهٽ رهيو، جڏهن ته 47 سيڪڙو ماڻهن کي شروعاتي طور تي سخت يا وچولي درجي جو ڏک پهتو، جيڪو وقت سان گڏ گهٽجي ويو.

10 سالن جي مشاهدي کانپوءِ خبر پئي ته جيڪي ماڻهو سخت ۽ ختم نه ٿيندڙ ڏک ۾ مبتلا رهيا، انهن ۾ وقت کان اڳ موت ۽ ذهني مدد جي ضرورت وڌيڪ هئي. جيتوڻيڪ تحقيق اڃا واضع نه ڪري سگهي ته اهڙو ڏک موت جو خطرو ڇو وڌائي ٿو.

نيليسن موجب اڳ ۾ به سخت ڏک جي علامتن جو دل جي بيمارين، نفسياتي مسئلن، ۽ آپگهات جي شرح سان تعلق ڏٺو ويو آهي، پر موت سان لاڳاپي تي وڌيڪ تحقيق جي ضرورت آهي.

ماهرن جو چوڻ آهي ته ڊاڪٽر اهڙن ماڻهن جي سڃاڻپ ڪري سگهن ٿا، ڇو ته انهن کي اڳ ئي ذهني مسئلن لاءِ دوا وٺڻي پوندي هئي، جيڪا ذهني ڪمزوري جي علامت آهي.

نيليسن چيو ته شديد ڏک ۾ مبتلا ماڻهن جي تعليم سراسري کان گهٽ هئي ۽ اڳ ۾ ئي دوا جي استعمال مان اندازو ٿئي ٿو ته انهن جي ذهني حالت ڪمزور هئي، جيڪا پيار واري جي وڃائجڻ کانپوءِ وڌيڪ بگڙي وئي.

اهڙن حالتن جي سڃاڻپ لاءِ ڊاڪٽر مريض جي گذريل ذهني حالتن کي ڏسي، مناسب فالو اپ جي صلاح ڏئي سگهن ٿا، يا انهن کي نفسيات جي ماهرن ڏانهن اماڻي سگهن ٿا. ڊاڪٽرن کي گهرجي ته سوڳ کانپوءِ ذهني صحت تي ڌيان ڏيندي باقاعده چيڪ اپ رکجن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.