منسا موتمار ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، ڪجهه ٿيو ته اِها ذميوار هوندي: عليزي شاهه

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) مشهور ماڊل، اداڪارا عليزي شاهه دعويٰ ڪئي آهي ته منسا ملڪ کيس موتمار ڌمڪيون ڏئي رهي آهي.
اداڪارا عليزي شاهه ويجهڙائي ۾ پنهنجي بيان جي ڪري ميڊيا توڙي سوشل ميڊيا تي ٽرينڊ ڪندي رهي آهي.
ڪجهه ڏينهن اڳ هوءَ پروڊڪشن هائوسز کي آڱريون کڻندي ساٿي اداڪارن تي تنقيد ڪندي نظر آئي ۽ هاڻي وري پنهنجي آفيشل انسٽاگرام اسٽوري ۾ لکيو اٿائين ته ” هوءَ اڻڄاتل نمبرن تان ڪالون ڪري موتمار ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، جيڪڏهن مون کي ڪجهه ٿيو ته سمجهجو اِهو ان ڪيو آهي“

تازا ترين ۽ اهم خبرن تائين ترت ۽ آسان رسائي لاءِ عوامي آواز جي واٽس ايپ چينل کي فالو ڪريو

عليزي شاهه وڌيڪ لکيو ته ”3 سال اڳ به هن عورت مون کي بدنام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، مون اڄ جيڪا عزت ٺاهي آهي اها حلال طريقي سان ٺاهي آهي، پر جيڪي حرام کائين ٿا، تن کي نه خدا جو ڊپ هوندو آهي نه انجام جو. “
عليزي شاهه اڻڄاتل نمبرن تان موصول ٿيندڙ پيغامن جا اسڪرين شاٽ پڻ شيئر ڪيا ۽ دعويٰ ڪئي ته منسا ملڪ دبئي ۾ موجود هڪ شخص کي سندس نمبر ڏنو جنهن رابطو ڪري ناقابلِ قبول آڇ ڪئي.
عليزي شاهه ان کان اڳ به چيو هو ته” منسا ملڪ اڳ به منهنجي خلاف ڪيس ڪيو هو ۽ پوءِ سفارشون ڪرايون ته مان خاموش ٿي وڃان.“ هن وڌيڪ چيو ته ”جيڪڏهن ڪو مون تي هٿ کڻندو ته مان چپل هڻنديس، مان گانڌي ناهيان جو ٻيو ڳٽو اڳتي وڌايان، بدماشُن سان وڙهو ۽ جواب ڏيو.“

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.