جِنَن جو اثر، مڙس کان به ڊڄي ويندي آهي: مريم نفيس جو انڪشاف

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سينيئر اداڪارا مريم نفيس انڪشاف ڪيو آهي ته ڪجهه سال اڳ کيس جن نظر ايندا هئا.
تازو ئي مريم نفيس هڪ ٽي وي چينل جي پروگرام ۾مهمان طور شرڪت ڪئي، جتي هن مختلف سوالن جا جواب ڏنا ۽ دلچسپ قصا پڻ ٻڌايا.
پروگرام دوران هن پنهنجي ماضيءَ جو هڪ دلچسپ واقعو ٻڌايو، جڏهن کيس جن نظر ايندا هئا.
اداڪارا چيو ته ڪيئي ورهيه اڳ ائين به ٿيو جو کيس ٻه ٽي ڀيرا اهڙيون شيون نظر آيون، جيڪي عام طور تي نظر ناهن اينديون.

تازا ترين ۽ اهم خبرن تائين ترت ۽ آسان رسائي لاءِ عوامي آواز جي واٽس ايپ چينل کي فالو ڪريو

ميزبان جي سوال تي وضاحت ڪندي مريم نفيس چيو ته کيس ڪجهه پاڇا نظر ايندا هيا، دونهين جهڙا جن ”جن“ چئي سگهجي ٿو.
مريم نفيس مذاق ڪندي چيو ته ان وقت جن به چوندا هوندا ته هو پنهنجي ٽائيپ جي ماڻهوءَ سان ملي چڪا آهن.
پوءِ هن سنجيده لهجي ۾ ڳالهه جاري رکندي چيو ته ان وقت سچ پچ گهڻو ڊپ محسوس ٿيندو هو، اٽڪل 6 کان 7 مهينن تائين اهو محسوس ٿينو هو ته ڄڻ ڪو ڀرپاسي موجود آهي، پر اڄ به جڏهن هوءَ ڪراچي ۾ رهي ٿي ۽ سندس مڙس امان بنا ٻڌائڻ جي گهر يا ڪمري ايندو آهي ته هوءَ ڊڄي ويندي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.