لکين سال اڳ انسانن جي خوراڪ ننڍا ٻار به هوندا هئا: ماهرن جو انڪشاف

اسپين جي آثار قديمه جي ماهرن هڪ نئين تحقيق ۾ حيران ڪندڙ انڪشاف ڪيو آهي ته لکين سال اڳ انسان ننڍن ٻارن کي به خوراڪ طور استعمال ڪندا هئا.

اتر اسپين جي "گران ڊولينا” نالي غار ۾ کوٽائي دوران 2 کان 4 سالن جي ٻار جي انساني ڳچيءَ جي هڏي هٿ آئي آهي، جنهن تي چٽيءَ طرح سان ڪُهڻ يا ڪٽڻ جا نشان موجود آهن.

ماهرن جو چوڻ آهي ته هڏيءَ تي موجود زخم ٻڌائين ٿا ته ان ٻار جي ڳچي ڪنهن تيز ڌار اوزار سان ڪٽي وئي هئي.

تحقيقي ٽيم موجب هي ٻار قديم انساني نسل سان تعلق رکندو هو ۽ ان جي هڏن تي اهڙا نشان مليا آهن، جيڪي ظاهر ڪن ٿا ته ان کي شڪار ڪري کاڌو ويو هو.

ماهرن ٻڌايو ته ماضي ۾ انسانن جي گوشت خوري (cannibalism) جا ثبوت ته مليا آهن، پر ڪنهن اهڙي ننڍي ٻار کي کاڌي وڃڻ جو هي ثبوت انتهائي ناياب ۽ اهم آهي.

تحقيق ۾ شامل سائنسدانن چيو آهي ته اهي قديم انسان قد ۾ ننڍا، جسماني طور ڳورا ۽ 8 لک کان 12 لک سال اڳ ڌرتيءَ تي موجود هئا.

ماهرن مطابق انهن انسانن جو دماغ اڄڪلهه جي انسانن جي ڀيٽ ۾ تمام ننڍو هوندو هو.

ماهرن جو چوڻ آهي ته هن نئين دريافت سان ان نظرئي کي وڌيڪ هٿي ملي ٿي ته شروعاتي دور جا انسان نه رڳو ٻيو شڪار ڪندا هئا، پر ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي ئي نسل جي ماڻهن کي به خوراڪ طور استعمال ڪندا هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.