ناصر حسين، بين اسٽوڪس کي ” احمق“ قرار ڏئي ڇڏيو

مانچسٽر(ويب ڊيسڪ) انگلينڊ – ڀارت جي ٽيسٽ ميچ ۾بين اسٽوڪس طرفان ”هينڊ شيڪ “ واري معاملي تي نئون بحث ڇڙي ويو آهي.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، تڪرار ان وقت شروع ٿيو، جڏهن ميچ جي آخري ڏينهن بين اسٽوڪس راند ”ڊرا“ ڪرڻ جي آڇ ڪئي، ان وقت ڪريز تي موجود ڀارتي رانديگر رويندرا جاڙيجا ۽ واشنگٽن سُندر پنهنجي سينچرين جي ويجهو هئا ۽ ٻنهي بيٽرن سندس آڇ قبولڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.
ان کانپوءِ سوشل ميڊيا تي هڪ وڊيو تيزيءَ سان وائرل ٿي وئي جنهن ۾ ڏٺو ويو ته اسٽوڪس ميچ جي پڄاڻي تي سڀني رانديگرن سان هٿ ملايو پر جاڙيجا کي نظرانداز ڪري ڇڏيو.

تازا ترين ۽ اهم خبرن تائين ترت ۽ آسان رسائي لاءِ عوامي آواز جي واٽس ايپ چينل کي فالو ڪريو

وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته بين اسٽوڪس رانديگرن سان هٿ ملائڻ دوران جڏهن جاڙيجا جي ويجهو پهچي ٿو ته منهن موڙي ڇڏي ٿو، وڊيو جي آخر ۾ ٻنهي جي وچ ۾ ڏي وٺ پڻ ٿي.
ڪرڪيٽ تجزئي نگارن ۽ شوقينن جو چوڻ آهي ته انگلينڊ ڪرڪيٽ ۾ ذاتي رڪارڊ کي اهميت ناهي ڏني ويندي آهي ۽ بين اسٽوڪس به اهڙي ئي سوچ رکندڙ ڪپتان آهي.
پر انگلينڊ جي اڳوڻي ڪپتان ۽ ڪرڪيٽ ڪامنٽيٽر ناصر حسين بين اسٽوڪس جي عمل تي تبصري ڪندي کيس ” احمق “ قرار ڏنو آهي.
ميچ ڊرا ٿيڻ کانپوءِ ان تي تبصرو ڪندي ناصر حسين چيو ته ”مڃيون ٿا انگلينڊ جا بالر ٿڪيل هئا، هو جلدي ميچ ختم ڪرڻ چاهين پيا، پر ڪريز تي موجود ٻن ڀارتي رانديگرن 80 ۽ 90 رنسن تائين پهچڻ لاءِ تمام گهڻي محنت ڪئي هئي ۽ هو سينچري پوري ڪرڻ چاهين پيا ، اهڙي صورتحال ۾ (ڊرا جي آڇ) ٿورو بيوقوفاڻي هئي.“

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.