گڏهه جو گوشت اسلام آباد کان ٻاهر سپلاءِ ٿيڻ جون رپورٽون موجود آهن: فوڊ اٿارٽي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد ۾ گڏهن جو گوشت ملڻ جي واقعي بابت ڊائريڪٽر اسلام آباد فوڊ اٿارٽي عرفان ميمڻ چيو آهي ته ان حوالي سان هڪ هفتو اڳ کان ڄاڻ موجود هئي.
عرفان ميمڻ چيو ته ٽيمن طرفان هڪ هفتي تائين ان تي ڪم ڪيو ويو ته جيئن جوابدار پڪڙي سگهون، ٽيم اتي پهتي ته هڪ هزار ڪلو ڪٽيل گوشت ۽ 40 جيئرا گڏهه مليا، موقعي تي موجوده پرڏيهي ڪاسائي ۽ چوڪيدار کي گرفتار ڪيو ويو.
هن چيو ته ڪيترا گڏهه ڪُٺا ويا ۽ گوشت ڪٿي ڪٿي پهتو، ان حوالي سان جاچ جاري آهي، جڏهن ته گوشت جي اسلام آباد کان ٻاهر سپلاءِ جي حوالي سان به رپورٽون موجود آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.