هڪ تحقيق مان خبر پئي آهي ته اهي عورتون، جيڪي باقاعدگي سان ميڪ اپ ڪنديون آهن، انهن ۾ پوئين عمر ۾ دم مطلب ته سهڪي جي مرض ۾ مبتلا ٿيڻ جا خطرا وڌيڪ هوندا آهن.
آمريڪا جي نئشنل هارٽ، لنگ اينڊ بلڊ انسٽيٽيوٽ ۾ ڪيل تحقيق ۾ لپ اسٽڪ، آئي شيڊو ۽ مسڪاري جهڙين ميڪ اپ شين ۽ زندگي جي پوئين مرحلي ۾ ظاهر ٿيندڙ دم جي علامتن جي وچ ۾ لاڳاپو سامهون آيو آهي.
لڳ ڀڳ 40 هزار ماڻهن تي ڪيل تحقيق مان خبر پئي آهي ته اهي عورتون، جيڪي نقلي نَنهن، ڪيٽيڪل ڪريم، بلش ۽ لپ اسٽڪ جو استعمال ڪنديون هيون، انهن ۾ دم جي مرض ۾ مبتلا ٿيڻ جا امڪان 47 سيڪڙو وڌيڪ هئا.
رڳو بلش ۽ لپ اسٽڪ جو هفتي ۾ پنج يا پنج کان وڌيڪ ڀيرا استعمال، بيماري جي خطري ۾ 18 سيڪڙو واڌ جو سبب بڻيو.
ماهرن جو چوڻ هو ته ان لاڳاپي مان اهو ثابت نٿو ٿئي ته انهن شين سبب خطرا وڌيا، پر انهن پراڊڪٽس ۾ استعمال ٿيندڙ ساڳي نوعيت جا ڪيميڪل ان جو سبب ٿي سگهن ٿا.
جرنل "انوائرنمينٽ انٽرنيشنل” ۾ ڇپيل هن تحقيق ۾ 12 سالن کان وڌيڪ عرصي تائين گڏ ڪيل ڊيٽا استعمال ڪئي وئي، جيڪا 41 مختلف بيوٽي پراڊڪٽس جي استعمال تي ٻڌل هئي.