اٽلس هونڊا پاڪستان ۾ 150 سي سي ڪيٽيگري ۾ پنهنجي نئين موٽر سائيڪل ”سي جي 150“ متعارف ڪرائي ڇڏي.
سي جي 150 کي هڪ روايتي پر جديد فيچرز سان ليس موٽر سائيڪل طور متعارف ڪرايو ويو آهي، جيڪا 150 سي سي ڪيٽيگري ۾ هڪ گهٽ قيمت جي آپشن طور پيش ڪئي وئي آهي.
اٽلس هونڊا طرفان سي جي 150 جي ايڪس فيڪٽري قيمت 4 لک 59 هزار 900 رپيا مقرر ڪئي وئي آهي، موٽر سائيڪل جي ڊيزائن سي جي 125 سان مشابهت رکي ٿي پر ان ۾ ڪيتريون ئي تبديليون ڪيون ويون آهن، جن ۾ ايل اي ڊي هيٽ لائيٽ، ڪروم فينڊرز ۽ الائي ويلز شامل آهن.
سي جي 150 جي انجڻ ٻارڻ جي بچت ۽ طاقتور ڪارڪردگي فراهم ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿي.
You might also like