حيدرآباد ۾ جسقم آريسر جو احتجاج،فتاح چنا سميت 9 کان وڌيڪ ڪارڪن گرفتار

حيدرآباد(رپورٽر) جيئي سنڌ قومي محاذ(آريسر) ضلعي حيدرآباد پاران سنڌ مان کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪنن جي بازيابي لاءِ ٿيندڙ احتجاجي مظاهري دوران پوليس ڪارروائي ڪندي جسقم جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري فتاح چنا سميت 9 کان وڌيڪ قومپرست ڪارڪنن کي گرفتار ڪري ورتو. ڪالهه جسقم آريسر پاران کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪنن محمد ايوب ڪانڌڙو، انصاف دايو، سهيل رضا ڀٽي، عبدالخالق خاصخيلي ۽ امتياز ميراڻي سميت ٻين قومپرست ڪارڪنن جي بازيابي جي لاءِ مرڪزي جنرل سيڪريٽري فتاح چنا، آفتاب سرڪي، شاهزيب دايو ۽ لالا ارسلان جي اڳواڻي ۾ حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. احتجاجي مظاهري دوران حيدرآباد جي ڪينٽ ٿاڻي جي پوليس سميت ٻين ٿاڻن جي وڏي نفري پريس ڪلب ٻاهران پهچي وئي، جنهن کانپوءِ پوليس ڪارروائي ڪندي فتاح چنا، عبدالقدير، سرمد بروهي، نواب مگسي، دانيال جاگيراڻي، شاهزيبدايو، شعيب سنڌي، وڪيل احمد خاصخيلي سميت 9 کان وڌيڪ ڪارڪنن کي گرفتار ڪري اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو. احتجاجي مظاهري دوران فتاح چنا صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ ۾ پرامن قومي ڪارڪنن جي گهرن تي چڙهايون ڪري کين کنڀي گم ڪرڻ جو سلسلو تيز ڪيو ويو آهي، اسان پنهنجن وسيلن ۽ ڌرتي جي مالڪي لاءِ پرامن احتجاج ڪيون ٿا ته اهو به ڏوهه بڻجي ٿو وڃي. هن چيو ته پرامن احتجاج ڪرڻ اسان جو آئيني ۽ جمهوري حق آهي. جبري گمشدگيون قانون ۽ آئين جي خلاف ورزي آهن. هن چيو ته لاڳاتار سنڌ جي پرامن قومي ڪارڪنن کي کنڀي گم ڪري بعد کين ڪوڙن دهشتگردي جي ڪيسن ۾ ظاهر ڪيو وڃي ٿو. محمد ايوب ڪانڌڙو، انصاف دايو ۽ سهيل رضا ڀٽي سميت ڪيترائي قومي ڪارڪن سالن کان گم آهن، جيڪڏهن انهن جو ڏوهه آهي ته کين عدالتن ۾ پيش ڪيو وڃي. هن چيو ته سياسي ڪارڪنن جون گمشدگيون ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهن. هن انساني حقن جي تنظيمن کي اپيل ڪئي ته سنڌ مان جبري گمشدگين جو نوٽيس وٺي کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪنن جي آزادي جي لاءِ ڪوششون ڪيون وڃن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.