ڪراچي(رپورٽر)متحده قومي موومينٽ (ايم ڪيو ايم) پاڪستان جي سينيئر اڳواڻ ڊاڪٽر فاروق ستار چيو آهي ته جيڪڏهن ملڪ کي اڳتي وٺي وڃڻو آهي ته پوءِ ڪراچي کي ترجيح سان هلائڻو پوندو.ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته شهر ۾ ٽريفڪ پوليس ڀتو وٺي رهي آهي، ڪهڙو ادارو آهي جيڪو ڪرپشن جي لعنت کان بچيل آهي؟ ڪراچي جي عوام سان ماٽيلي ماءُ کان به بدتر سلوڪ ٿي رهيو آهي، هي شهر سنڌ جي وڏيرن ۽ جاگيردارن لاءِ ڦرلٽ جو مال بڻجي ويو آهي،هن چيو ته شهر جي ٽريفڪ پوليس ۾ اهي اهلڪار آندا ويا آهن، جيڪي اندرين سنڌ جا آهن، جڏهن ته ايس بي سي اي سميت ٻين ادارن تي غير متعلق ماڻهو مسلط ڪيا ويا آهن.،ريڊ لائن بس منصوبا اڌورا پيا آهن، اسڪيم 42، اسڪيم 45 ۽ لياري جي متاثر ماڻهن کي اڄ به سندن حق نه ملي سگهيا آهن،فاروق ستار سوال ڪيو ته اوهان ماڻهن کي ڇو ان ڳالهه لاءِ مجبور ڪري رهيا آهيو ته هو چون ته ڪراچي سنڌ جو حصو ناهي؟ ميئر چوي ٿو ته ٽائون منهنجي ذميواري نه آهي، ڇا رڳو ڪجهه گهٽيون ۽ پارڪ اوهان جي ذميواري آهن؟ هتي ڊمپرز ۽ ڪنٽينرز ماڻهن کي چيڀاٽي رهيا آهن، ۽ اوهان کي پرواهه ئي ناهي،هن چيو ته پيپلزپارٽي ڪراچي کي پنهنجو مڃڻ لاءِ تيار ناهي، ڪراچي ۾ جيڪي شهيد ٿي رهيا آهن، انهن لاءِ اوهان تعزيت جا ٻه لفظ به نٿا چئو. اوهان سنڌ کي تقسيم جي طرف ڇو وٺي پيا وڃو؟ هن چيو ته پوليس ۾ ڪجهه ڪاريون رڍون آهن جيڪي ڌاڙيلن جي سرپرستي ڪري رهيون آهن. رڳو ٻن ڏينهن ۾ زمان ٽائون ۾ ٻه ماڻهو شهيد ڪيا ويا،
ڪراچي کي ڌار ڪرڻ وارو ايم ڪيو ايم جو وکر هاڻي نه وڪامجندو:پ پ
ڪراچي(عوامي آواز نيوز)پ پ اڳواڻ شازيا مري چيو آهي ته اسان جا ايم ڪيو ايم جا ساٿي جن سان اسان جي ڪا دشمني ناهي ڪڏهن نه ڪڏهن بيان ڏيندا آهن جن ۾ لساني ورهاڱي ۽ سياسي مخالفت کي هٿي ڏني ويندي آهي،هڪ خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته ماضي ۾ ايم ڪيو ايم جي اها سياست رهي آهي ته توهان ماڻهن کي ورهايو،نفرتون پکيڙيو،لساني بنيادن تي ماڻهن ۾ نفرت جي اڀار کي مضبوط ڪرڻ سندن طرز عمل رهيو آهي،هن چيو ته ايم ڪيو ايم پنهنجي ماضي جي سوچ ۽ ايجنڊا کي وقت سر اڳتي وڌائيندي آهي پر ان ۾ ڪجهه ناهي رهيو،ايم ڪيو ايم جي سياست ان طرح جي بيان بازين تائين محدود ٿي وئي آهي،پر هاڻي وقت بدلجي ويو آهي،ڪراچي ۾ ماضي ۾ ٻورين مان لاش ملندا هئا،ڀتي جون ڪهاڻيون عام هيون،فاروق ستار جي پريس ڪانفرنس تي سنڌ حڪومت پاران جواب ڏنو ويو آهي،اهي بار بار لساني بنيادن تي مضبوط ڪندا آهن پهرين انهن پڙهيل لکيل طبقي کي بندوقون هٿ ۾ ڏئي امن امان تباهه ڪيو هو،انهن جو پراڻو ليڊر چوندو هو ته فرج ۽ ٽي وي وڪڻي ڇڏيو،هٿيار خريد ڪيو،مارڌاڙ ڪريو،قتل عام ڪريو،هن چيو ته ڪراچي ۾ رڳو اهي ماڻهو ته نٿا رهن جيڪي ڪراچي ۾ پيدا ٿيا هئا،هتي پاڪستان جي مختلف علائقن مان آيل ماڻهو روزگار ڪري رهيا آهن،امن امان جي حوالي سان يقينن اسان کي هڪ چئلينج هوندو آهي،سنڌ حڪومت ڪڏهن به ان حقيقت کان پري ناهي فرار ٿي،ڪراچي کي ڌار ڪرڻ وارو چورن هاڻي نه وڪامجندو،
سنڌ حڪومت جي عوامي خدمت فاروق ستار جون ننڊون حرام ڪري ڇڏيون آهن:ناصر شاهه
ڪراچي (رپورٽر) صوبائي وزيرِ توانائي سيد ناصر حسين شاهه، متحده قومي موومينٽ (ايم ڪيو ايم) پاڪستان جي اڳواڻ ڊاڪٽر فاروق ستار طرفان ڪراچي ۾ وڌندڙ اسٽريٽ ڪرائيم تي سنڌ حڪومت خلاف ڪيل تنقيد تي سخت ردعمل ڏيندي چيو آهي ته فاروق ستار جو بيان هڪ وکريل سوچ ۽ ناڪام سياسي وجود جي آخري چيخ آهي.ناصر حسين شاهه چيو ته عوامي ترديد جو شڪار فاروق ستار سستي شهرت حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوڙ جو سهارو وٺي رهيو آهي،هن کي سنڌ حڪومت تي آڱر کڻڻ کان اڳ آئيني ۾ ڏسڻ گهرجي،هن وڌيڪ چيو ته، صوبائي حڪومت جي عوامي خدمت فاروق ستار جون ننڊون حرام ڪري ڇڏيون آهن. جيڪي ماڻهو ماضي ۾ ڀتاخوري، ٽارگيٽ ڪلنگ ۽ ڪراچي جي امن جي تباهي جا ذميوار آهن، انهن جي وات مان ‘خدمت’ جو لفظ نڪري ته اهو مذاق لڳي ٿو،ناصر حسين شاهه وڌيڪ چيو ته، "عوام اهڙن ماڻهن کي اڳ ئي تاريخ جي ڪوڙيدان حوالي ڪري چڪو آهي،، فاروق ستار اهڙو ڪردار آهي جيڪو صرف اقتدار جي هنج ۾ کيڏڻ ڄاڻي ٿو. اصول ۽ خدمت فاروق ستار جي لغت ۾ ئي ناهي،هوڏانهن سنڌ جي ثقافت ۽ سياحت واري صوبائي وزير سيد ذوالفقار علي شاھ پاران ايم ڪيو ايم اڳواڻ فاروق ستار جي بيان تي رد عمل ڏيندي چيو ته فاروق ستار ھر ھفتي تعصب پکيڙڻ لاءِ ظاھر ٿيندو آھي، ايم ڪيو ايم وارا نفرت واري سياست کي ترجيح ڏيندا آھن، فاروق ستار نيب جو ترجمان ٿيڻ بدران پنھنجي سياست جو فڪر ڪري عوام متحده کي رڳو ھلڪي نه پر فارغ پارٽي سمجھي ٿو، ڪراچي سنڌ جي دل ۽ سنڌين جي سر جو تاج آھي، نئين صوبي جون ڳالھيون ڪرڻ وارا نفرت پکيڙي رھيا آھن، ڪراچي ۾ رھندڙ اردو ڳالھائيندڙ سنڌ جي ثقافت ۽ تھذيب تي فخر ڪن ٿا، ھن چيو ته پيپلزپارٽي حڪومت ڪراچي مان ٽارگيٽ ڪلنگ، ٻوري بند لاش ۽ ڀتي جو سسٽم ختم ڪرايو آھي، سنڌ حڪومت ڪراچي جي تعمير ترقي ۽ خدمت جاري رکندي.
سنڌ جي مک مسئلن تان ڌيان هٽائڻ لاءِ لسانيت پکيڙي پئي وڃي:زين شاهه
سڪرنڊ (رپورٽ :راج ڪماراوڏ) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي ضلعي ڪنوينشن جي موقعي تي ايس يو پي جي مرڪزي صدر سيد زين شاھ ميٽ دي پريس کي خطاب ڪندي چيو آهي ته بلاول ڀٽو زرداري جي وزير اعظم ٿيڻ سان ملڪ ۾ بهتري بدران ڪرپشن ۾ اضافو ٿيندو. جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو اعتماد ڪيو آهي، جيڪڏهن ملڪي سطح تي سياسي پارٽي ٺاهيندو ته يقينن ساڻس گڏجي ڪم ڪنداسين. سنڌ اندر گاڏين جون ڪهڙيون به نمبر پليٽون هجن ان سان فرق نه ٿو پوي اصلي سنڌ جي مک مسئلن تان ڌيان هٽائڻ لاءِ لسانيت پکيڙي پئي وڃي،هن چيو ته حڪومت موالين وارا ڪم ڪري گهر جا ٽپڙ کپائي ملڪ هلائي رهي آهي. ملڪ ايئن نه هلندا آهن. گرين پاڪستان تحت مخصوص ادارن کي فائدو ٿي رهيو آهي. حڪمرانن اڳ ئي سنڌو درياءَ جو سودو ڪيو هاڻ سنڌ جي معدني وسيلن جي پويان پيا آهن.ملڪ جي فارين پاليسي ڪمزور آهي چائنا سان تعلق بهتر آهن ٻين پاڙيسري ملڪن افغانستان ۽ هندوستان سان به تعلقات بهتر ٿيڻ گهرجن. جنگي معاهدن کي ڇڏي امن جا معاهدا ڪيا وڃن ان موقعي تي ايس يو پي جو سينيئر نائب صدر روشن ٻرڙو ، مرڪزي جنرل سيڪريٽري جگديش آهوجا ، رمضان ٻرڙو ، اصغر قريشي ، فتح خاصخيلي ، زين ڀٽو ، ايوب کوسو ، علي سومرو ، ايس يو پي ڪائونسلر سيد غلام مصطفيٰ شاه ۽ ٻيا ڪنوينشن ۾ موجود هئا.