حڪومتي سينيٽر بينظير انڪم سپورٽ تي سوال اٿاري ڇڏيا، آڊٽ جو مطالبو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سينيٽ ۾ سرڪاري ڌر پاران بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تي سوال اٿاريا ويا آهن، مسلم ليگ جي سينيٽر  انوشا رحمان  ته  ٻڌايو وڃي ته ڇا بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ آڊٽ جو ڪو به نظام موجود آهي يا نه؟ ان تي وفاقي وزير طارق فضل چوڌري جواب ڏنو ته  توهان جيڪي سوال اٿاريا آهن، اهي بلڪل جائز آهن. بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جڏهن 2022 ۾ شروع ٿيو ته ان لاءِ رقم 2 ارب رپيا هئي. ان کان پوءِ بي آءِ ايس پي جي رقم وڌائي 21.5 ارب رپيا ڪئي وئي. پيپرا رولز تحت بي آءِ ايس پي جي پروڪيورمينٽ (خريداري) نه ڪئي وئي. هاڻ تائين 97 ارب رپيا بي آءِ ايس پي هيٺ ورهايا ويا آهن. سينيٽ جي اجلاس دوران، لاهور ۽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽن پاران سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽين جي ڪارروائين جي خلاف  منع ناما جاري ڪرڻ تي خدشن جو اظهار ڪيو ويو. سينيٽر سليم مانڊوي والا چيو ته اهو پهريون ڀيرو ٿيو آهي جو عدالتن پارليامينٽ جي ڪميٽين کي ڪم ڪرڻ کان روڪيو آهي، جيڪو هڪ سنگين معاملو ۽ پارليامينٽ ۾ مداخلت آهي، اٽارني جنرل کي گهرائي پڇاڻو ڪيو وڃي. اجلاس جي صدارت ڪندڙ سينيٽر شهادت اعوان رولنگ ڏيندي چيو ته اٽارني جنرل کي طلب ڪري ان معاملي بابت وضاحت ورتي ويندي.طارق فضل چوڌري چيو ته چيئرمين اٽارني جنرل کي پنهنجي چيمبر ۾ گهرائي معاملو سمجهي. پي ٽي آءِ جي سينيٽر سيف الله ابڙو چيو ته قانون واري وزير قانون ٺاهي ٺاهي عدليا جي ٻٽيهيءُ ئي ڪڍي ورتي آهي. جي يو آءِ جي سينيٽر ڪامران مرتضى  چيو ته عدالتن سينيٽ ڪميٽين جي ڪارروائي روڪي پنهنجون حدون اورانگهيون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.