يوٽيوب پنهنجي شارٽس پليٽ فارم لاءِ هٿرادو ذهانت واري ٽيڪنالوجي (اَي آءِ ) ٽيڪنالاجي تي ٻڌل نوان ٽولز متعارف ڪرايا آهن.
وڊيو شيئرنگ ايپ طرفان متعارف ڪرايل ٽولز جو مقصد شارٽس وڊيوز جي تياري کي وڌيڪ بهتر ۽ يوزر فرينڊلي بڻائڻ آهي.
”فوتو ٽو وڊيو“ نالي فيچر ذريعي واهپيدارپنهنجي فون ڪئميرا رول ۾ موجود ساڪت تصويرون انيميٽڊ شارٽ وڊيوز ۾ تبديل ڪري سگهندا، جتي ماڻهو حرڪت ۾ هوندا ۽ مختلف ايفيڪٽس ۽ ٽيمپليٽس به استعمال ڪري سگهجن ٿا.
هي فيچر في الحال آمريڪا، ڪئناڊا، آسٽريليا ۽ نيوزيلينڊ ۾ متعارف ڪرايو ويو آهي، جڏهن ته ڪمپني هلندڙ سال جي آخر تائين ان کي سڄي دنيا ۾ متعارف ڪرائڻ جو ارادو رکي ٿي.
ڪمپني موجب، نون اَي آءِ ٽولز ذريعي مواد ٺاهڻ وارو عمل هر ڪنهن لاءِ وڌيڪ سولو ۽ دلچسپ بڻجي ويندو.
يوٽيوب طرفان نوان اَي آءِ جنريٽو ايفيڪٽس به واهپيدارن لاءِ آندا پيا وڃن، جن سان هو گهڻو ڪجهه ڪري سگهندا، جهڙوڪ پاڻي اندر ماحول کي سرگرم ڪرڻ يا ڪنهن سنگل سيلفي کي ٻٽي سيلفي ۾ بدلائڻ.
نون ٽولز کي گوگل جي ”ويو ٽو“ماڊل ذريعي پاور فراهم ڪيو ويندو، جڏهن ته ڪجهه وقت کانپوءِ انهن کي ” ويو ٿري“ سان ڳنڍي اپ گريڊ ڪيو ويندو.
تازا ترين ۽ اهم خبرن تائين ترت ۽ آسان رسائي لاءِ عوامي آواز جي واٽس ايپ چينل کي فالو ڪريو
ايفيڪٽس کانسواءِ يوٽيوب طرفان اَي آءِ پلي گرائونڊ پڻ متعارف ڪرايو پيو وڃي، جيڪو هڪ مرڪزي حب هوندو جتي واهپيدار جنريٽو اَي آءِ ٽولز تي تجربا ڪري سگهندا.
هن حب تائين پهچ يوٽيوب ايپ ۾ Create بٽڻ تي ڪلڪ ڪرڻ سان ٿيندي جيڪو ايندڙ ڪجهه هفتن ۾ پيش ڪيو ويندو.