جي يو آءِ، پ پ، ن ليگ ۽ اي اين پي طرفان ڪي پي حڪومت جي آل پارٽيز ڪانفرنس جو بائيڪاٽ

پشاور(ويب ڊيسڪ) جمعيت علماءِ اسلام (جي يو آءِ)، مسلم ليگ (ن)، پيپلزپارٽي ۽ عوامي نيشنل پارٽي (اي اين پي) خيبرپختونخوا حڪومت جي آل پارٽيز ڪانفرنس (اي پي سي) ۾ شرڪت نه ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو.
اي اين پي جي صوبائي صدر ميان افتخار چيو ته آل پارٽيز ڪانفرنس پي ٽي آءِ نه پر حڪومت طرفان سڏائي وئي آهي، جڏهن سڀ فيصلا اڳ ۾ ئي ٿي چڪا آهن ته پوءِ اي پي سي جي ضرورت ناهي، انڪري اسان شرڪت نه ڪنداسين.
جي يو آءِ جي ترجمان به چيو ته سندن جماعت تحريڪ انصاف جي آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ شامل نه ٿيندي.
پيپلزپارٽي جي صوبائي صدر محمد علي شاهه باچا چيو ته صوبائي حڪومت غير سنجيده آهي ۽ اي پي سي صرف ڏيکاءُ آهي، تنهنڪري پيپلزپارٽي به شرڪت نه ڪندي.

تازا ترين ۽ اهم خبرن تائين ترت ۽ آسان رسائي لاءِ عوامي آواز جي واٽس ايپ چينل کي فالو ڪريو

ان کانسواءِ مسلم ليگ (ن) به ڪانفرنس جو بائيڪاٽ جو اعلان ڪيو آهي.
ياد رهي ته خيبرپختونخوا حڪومت طرفان صوبائي امن امان جي صورتحال تي سڀاڻي آل پارٽيز ڪانفرنس سڏائي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.